پشاور(ويب ڊيسڪ) پشاور جي علائقي چمڪني ۾ شاديءَ کان انڪار تي نوجوان تي مبينا طور تيزاب اڇلائڻ واري عورت کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب واقعي بابت داخل ڪيل ايف آءِ آر ۾ نامزد عورت کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، جيڪا مبينا طور نوجوان تي تيزاب اڇلائڻ دوران پاڻ به زخمي ٿي پئي هئي.
پوليس جو چوڻ آهي ته تيزاب لڳڻ سبب عورت جا هٿ، پير ۽ جسم جا ٻيا حصا پڻ سڙي زخمي ٿيا هئا، جنهن بعد کيس علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس موجب عورت کي اسپتال مان ڊسچارج ٿيڻ کانپوءِ سندس جسماني رمانڊ حاصل ڪري واقعي بابت وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪئي ويندي.
پوليس اختيارين مطابق شروعاتي طور تي ڄاڻ ملي آهي ته عورت مبينا طور نوجوان جي شاديءَ کان انڪار ڪرڻ تي مٿس تيزاب اڇلايو، جنهن بعد واقعي جو ڪيس گذريل ڏينهن چمڪني ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جاچ دوران واقعي جا سمورا پاسا سامهون آندا ويندا.