پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز 48 ڪلاڪن اندر ھاءِ ڪورٽ جي آفيشل ويب سائٽ تي اپلوڊ ڪرڻ جو حڪم

فہرستِ مضامین

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز کي 48 ڪلاڪن اندر هاءِ ڪورٽ جي سرڪاري ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني پي ٽي سي ايل سان لاڳاپيل ڪيس جي ٻڌڻي دوران اهي هدايتون جاري ڪيون۔

عدالت اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ ڊسٽرڪٽ بارز کي بہ رولز جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪئي۔

ٻڌڻي دوران عدالت وڪيل کان پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز بابت پڇاڻو ڪيو، جنهن تي وڪيل انهن جي تفصيلن کان لاعلمي ظاهر ڪئي۔

درخواستگذار جي وڪيل چيو تہ پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز حاصل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏني پئي وڃي، جنهن تي جسٽس محسن اختر ريمارڪس ڏنا تہ اسان اهي هاءِ ڪورٽ رولز ٺاهيا آهن جيڪي اسان کي پاڻ بہ نٿا ملن، مان جج آهيان ۽ مون کي بہ نہ مليا، توھان کي ڪيئن ملندا؟ فل ڪورٽ رولز منظور ڪيا پر انهن کي ٻاهر جاري نہ ڪيو ويو۔

جسٽس محسن چيو تہ پريڪٽس اينڊ پروسيجر رولز هڪ سيڪريٽ دستاويز آهن، رولز جي فراهمي لاءِ رجسٽرار کي لکو۔

معزز جج 48 ڪلاڪن اندر رولز ويب سائيٽ تي اپ لوڊ ڪرڻ جي هدايت ڏني، جيڪڏھن حڪم تي عمل نہ ٿيو تہ  توھان ڪرمنل پروسيجر فائيل ڪري ڇڏجو، مان رجسٽرار کي بہ طلب ڪندس۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں