پريالوءِ جي ڪچي ۾ الرا-جتوئي تڪرار ٻيھر ڀڙڪي اٿيو، ٻنھي ڌرين ۾ جھيڙي سبب 4 ڄڻا مارجي ويا، 5 زخمي ٿي پيا.
ڪچي واري علائقي ۾ الرا ۽ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار ٻيھر ڀڙڪي پيو.
ٻنھي ڌرين پاران ھڪٻئي تي جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪئي وئي، جنھن سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رھيو.
جھيڙي دوران گوليون لڳڻ سبب ماجد، گلڻ، ڌڻي بخش الرو ۽ اعظم جتوئي مارجي ويا، جڏھن تہ اسحاق اوڍو، نسيم الرو، رحيم الرو ۽ ٻيا زخمي ٿي پيا.
اطلاع تي ايس ايس پي خيرپور واقعي واري ھنڌ پھچي ويو.
پوليس دعويٰ ڪئي آھي تہ جتوئي برادري جي ھٿياربندن حملو ڪيو، پوليس موجب اعظم جتوئي کي مقابلي ۾ ماريوويو آھي.
ٻئي پاسي گھرو وزير ضياءُ الحسن لنجار نوٽيس وٺندي ايس ايس پي خيرپور کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آھي.