آرمي چيف فيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آھي پاڪ فوج تبديل ٿيندڙ جنگي ماحول ۾ فيصلائتي برتري برقرار رکندي.
آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف ملتان گيريزن جو دورو ڪيو ۽ جديد ھيليڪاپٽر
Z-10ME اٽيڪ ھيليڪاپٽرز جي پاڪ فوج ۾ شموليت واري تقريب ۾ بھ شرڪت ڪئي.
فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کي ملتان گيريزن جي دوري جي موقعي تي فارميشن جي عملي تيارين ۽ جاري تربيتي سرگرمين بابت بريفنگ ڏني وئي.
فيلڊ مارشل جوانن جي اعليٰ جذبي، پيشيوراڻي مھارت ۽ جنگي صلاحيت جي واکاڻ ڪئي. ھن قومي خودمختياري ۽ سرحدي سلامتي جي تحفظ لاءِ پاڪ فوج جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو.
فيلڊ مارشل جو علمي ۽ سماجي حلقن سان تعلق رکندڙ ماڻھن سان ڳالھھ ٻولھھ جو سيشن بھ ٿيو.
فيلڊ مارشل علمي ۽ سماجي شعبن جي شخصيتن سان ملاقات ۾ سول ملٽري ھم آھنگي ۽ ھائبرڊ خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي اھميت تي زور ڏنو.
فيلڊ مارشل پاڪ فوج ۾ جديد زيڊ ٽين ايم اِي اٽيڪ ھيليڪاپٽرز جي شموليت واري تقريب ۾ بھ شرڪت ڪئي.
جديد ريڊار، اليڪٽرانڪ وار فيئر ۽ نائيٽ اسٽرائيڪ جي صلاحيتن سان ليس ھيليڪاپٽرز مظفر ڳڙھ فائر رينج ۾ فائر پاور جو مظاھرو ڪيو.
فيلڊ مارشل گڏيل ھٿيارن جي حڪمت عملي جي ڪامياب مظاھري جي واکاڻ ڪئي.
زيڊ ٽين ايم اِي اٽيڪ ھيليڪاپٽرز
چين پاران تيار ڪيل زيڊ ٽين ايم اِي اٽيڪ ھيليڪاپٽر جديد جنگي صلاحيتن سان ليس آھن، جيڪي پاڪ فوج جي فضائي توڙي زميني خطرن کي منھن ڏيڻ واري صلاحيت ۾ اضافي جو سبب بڻجندا.
جديد ٽيڪنالاجي سان ليس اھي ھيليڪاپٽر اھڙي وقت پاڪ فوج ۾ شامل ڪيا ويا آھن، جڏھن تازو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ چئن ڏينھن جي جنگ ٿي چڪي آھي ۽ ٻنھي ملڪن ۾ لاڳاپا اڃا معمول تي نھ اچي سگھيا آھن.
آءِ ايس پي آر موجب جديد زيڊ ٽين اٽيڪ ھيليڪاپٽر ھر موسم ۾ ۽ رات جي وقت بھ درست نشانو وٺڻ جي صلاحيت رکن ٿا، ھن جديد نظام جي شموليت پاڪ فوج جي اويئيشن کي جديد گھرجن پٽاندڙ بڻائڻ جي ڏس ۾ وڏي اڳڀرائي آھي.
چين جي ايويئيشن انڊسٽري ڪارپوريشن پاران زيڊ ٽين ايم اِي اٽيڪ ھيليڪاپٽرز کي ملڪ کان ٻاھر پھريون ڀيرو فيبروري 2024 ۾ سنگاپور ۾ ٿيل ايئر شو دوران نمائش لاءِ پيش ڪيو ويو ھو.
2021 ۾ ميڊيا جي ڪجھھ رپورٽس ۾ چيو ويو ھو تھ چين پنھنجا 3 زيڊ ٽين ھيليڪاپٽر آزمائشي بنياد تي پاڪستان اماڻيا ھئا پر اھي اختيارين کي متاثر نھ ڪري سگھيا ھئا، جنھن ڪري انھن کي واپس ڪيو ويو ھو.
پاڪ چين دوستي ھر ڪسوٽيءَ تي پوري لٿي آھي
پاڪستان ۽ چين وچ ۾ دفاعي لاڳاپا ڏھاڪن کان جاري آھن پر ويجھڙائي واري عرصي ۾ ان ۾ وڌيڪ اضافو ۽ پختگي ڏسڻ لاءِ ملي آھي.
گذريل ڏينھن چين جي پيپلز لبريشن آرمي 98 ھين يوم تاسيس جي موقعي تي جي ايڇ ڪيو ۾ خصوصي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنھن ۾ چيني سفير جيانگ زائيڊونگ مھمان خصوصي طور تقريب ۾ شريڪ ٿيو.
فيلڊ مارشل عاصم منير تقريب کي خطاب ڪندي چيو تھ پاڪ چين دوستي فتح نھ ڪرڻ جوڳي ۽ آزمائش جي ھر ڪسوٽيءَ تي پوري لٿي آھي، تبديل ٿيندڙ چئلينجز باوجود پاڪ چين لاڳاپا مضبوط آھن.
فيلڊ مارشل پاڪ فوج ۽ پي ايل اي جي ڀائيواري کي ٻنھي ملڪن جي اسٽريٽجڪ مفادن جو محافظ قرار ڏنو، تقريب ۾ ٽنھي ھٿياربند فوجن جا سربراھ بھ شريڪ ٿيا.