پاڪ فوج بلوچستان جي سرحدي ضلعي چمن جي علائقي اسپين بولدڪ ۽ خيبرپختونخواھ جي ڪُرم سيڪٽر ۾ فتنہ الخوارج جا حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا، 45 کان 50 حملي آورن کي ماريو ويو
جوابي ڪارروائي ۾ ڪيتريون ئي چيڪ پوسٽون ۽ ٽينڪون بہ تباھ، آءِ ايس پي آر موجب 15 آڪٽوبر تي صبح سويري افغان طالبان اسپين بولدڪ جي چئن مختلف علائقن ۾ بزدلاڻا حملا ڪيا، جن کي پاڪ فوج موثر ڪارروائي سان ناڪام بڻايو، ان دوران 15 کان 20 طالبان کي ماريو ويو، ڪيترائي زخمي ٿيا
آءِ ايس پي آر موجب افغان طالبان بدقسمتي سان اھي حملا شھري آبادي ۾ ڪيا ۽ پنھنجي پاسي کان پاڪ افغان دوستي گيٽ کي بہ تباھ ڪيو