راولپنڊي : پاڪ بحريہ ملڪي سطح تي تيار ڪيل جھاز مان فائر ٿيندڙ اينٽي شپ بليسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آھي.
آءِ ايس پي آر پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تہ پاڪ بحريہ جھاز مان فائر ٿيندڙ ملڪي سطح تي تيار ڪيل اينٽي شپ بليسٽڪ ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آھي، جيڪو جديد ٽيڪنالوجي سان ليس آھي.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو تہ مقامي طور تي تيار ڪيل جهاز مان فائر ٿيڻ وارو اينٽي شپ بليسٽڪ ميزائل جديد ٽيڪنالاجي سان ليس آهي ۽ هي هٿيار سامونڊي ۽ زميني ٻنهي هدفن کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو، ميزائل ۾ جديد گائيڊنس سسٽم جون خاصيتون شامل آھن.
آءِ ايس پي آر موجب، چيف آف دي نيول اسٽاف ايڊمرل نويد اشرف، سينئر سائنسدانن ۽ انجنيئرز هن اهم تجربي واري فائرنگ جو مشاهدو ڪيو، جيڪو ڪامياب تجربو پاڪستان جي ٽيڪنيڪي مهارت جو مڪمل مظاهرو آهي ۽ قومي مفادن جي تحفظ لاءِ پاڪ بحريہ جي عزم جي واضح مثال آهي۔
صدر ملڪ آصف علي زرداري، وزيراعظم شھباز شريف، فيلڊ مارشل، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ سروسز چيفس هن سنگ ميل جي ڪاميابي ۾ شامل يونٽس، سائنسدانن ۽ انجنيئرز کي مبارڪباد ڏني آهي….