پاڪستان ۽ افغان طالبان وچ ۾ ڳالھين ۾ ڊيڊ لاڪ جي خاتمي لاءِ ترڪيہ پاڪستان وڌيڪ ھڪ ڪوشش جاري آھي.
ترڪيہ جي صدر رجب طيب اردوان پنھنجي پرڏيھي وزير، دفاع واري وزير ۽ انٽيليجنس چيف کي پاڪستان موڪلڻ جو اعلان ڪيو آھي.
سفارتي ذريعن موجب پاڪستاني ۽ ترڪ اختيار دوري جي تاريخ طئي ڪري رھيا آھن، ترڪ عملدارن جي دوري جي تاريخ ھڪ يا ٻن ڏينھن ۾ طئي ٿيڻ جو امڪان آھي.
ترڪيہ جي خابرو اداري موجب وفد ھلندڙ ھفتي پاڪستان ايندو ۽ لاڳاپيل عملدارن سان ڳالھيون ڪندو.
ترڪ صدر موجب دوري جو مقصد ڌرين ۾جنگبندي کي حتمي شڪل ڏيڻ ۽ پائيدار امن جو قيام آھي…..