پاڪستان ۾ پکين کي سخت گرمي کان بچائڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟

فہرستِ مضامین

حڪومتي انگن اکرن موجب پاڪستان موسمياتي تبديلين جي اثرن کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن مان هڪ آهي. هتي 1960ع کان پوءِ 2025ع ملڪ جو سڀ کان گرم ترين سال رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

هلندڙ اونهاري دوران به اسلام آباد ۾ گرمي پد 40 ڊگري سينٽي گريڊ کان وڌي چڪو آهي.

گرمي سبب رڳو انسان ئي نه، پر جانور ۽ پکي به سخت متاثر ٿي رهيا آهن.

ان حوالي سان اسلام آباد وائلڊ لائيف مينيجمينٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ۽ اسلام آباد جي مارگله وائلڊ لائيف ريسڪيو سينٽر جي نگران سخاوت علي چيو آهي ته ماضي ۾ پتنگ بازي سبب پکين جا پر ڌاڳن سان زخمي ٿيندا هئا، پر گذريل هڪ يا ٻن سالن کان اهڙا ڪيس اچي رهيا آهن، جن ۾ پکي پاڻي جي کوٽ ۽ سخت گرمي جي دٻاءَ جو شڪار ٿين ٿا.

هن شهرين تي زور ڏنو ته هو پنهنجي گهرن جي ٻاهران پاڻي جا ٿانو رکن، جيئن پکي پاڻي پي سگهن، وهنجي سگهن ۽ گرمي کان بچي سگهن.

ان کان علاوه اسلام آباد ۾ موجود وائلڊ لائيف آفيسر ظهير احمد ٻڌايو ته اونهاري ۾ ريسڪيو سينٽر کي روزانو لڳ ڀڳ 30 فون ڪالون ملن ٿيون، جن ۾ پکين ۽ ٻين جانورن جي متاثر ٿيڻ بابت اطلاع ڏنا وڃن ٿا.

هن ٻڌايو ته سندن پهرين ترجيح متاثر جانورن کي طبي امداد، خوراڪ ۽ پاڻي فراهم ڪرڻ آهي.

ظهير احمد چيو ته متاثر پکين کي صحتياب ٿيڻ تائين قرنطينه ۾ پڻ رکيو ويندو آهي.

هن ٻڌايو ته ٻيلن ۾ لڳندڙ باهه به پکين لاءِ هڪ وڏو خطرو بڻجي وئي آهي، ڇاڪاڻ ته اها اڪثر پکين جي نسل وڌائڻ واري موسم دوران پکڙجي ٿي.

واضح رهي ته مارگله جبلن جي دامن ۾ واقع وائلڊ لائيف ريسڪيو سينٽر ماضي ۾ بدنام اسلام آباد چڙيا گهر جو حصو هو، جنهن کي 2020ع ۾ بند ڪيو ويو هو.

اسلام آباد وائلڊ لائيف ريسڪيو سينٽر ۾ پاڪستان ڀر مان زخمي ۽ متاثر جهنگلي جانورن کي بحالي لاءِ آندو ويندو آهي، جن ۾ خانگي مالڪن جي هٿان بي رحمي جو شڪار ٿيل جانور به شامل آهن.

سائنسدانن خبردار ڪيو آهي ته انساني سرگرمين سبب ٿيندڙ موسمياتي تبديلين جي نتيجي ۾ هيٽ ويو جهڙا سخت موسمي واقعا هاڻي وڌيڪ شدت سان سامهون اچي رهيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں