پاڪستان ۾ تازين برساتن ۽ ٻوڏ واري صورتحال تي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته سامان جي سپلاءِ چين متاثر ٿيڻ سبب مهانگائي ۾ اضافو ٿيڻ جو امڪان آهي.
گذريل مهيني کان گلگت بلتستان، خيبر پختونخوا ۽ پنجاب ۾ تيز برساتن کانپوءِ وڏا شهر ٻوڏ واري صورتحال کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته پاڻي جا وهڪرا ايندڙ ڏينهن ۾ سنڌو درياءَ ۾ داخل ٿيندا.
پاڪستان جون ٻئي وڏيون فعال بندرگاهون ڪراچي ۾ واقع آهن، جتان ملڪ اندر سامان جي رسد ڪئي وڃي ٿي. گڊز ٽرانسپورٽرن موجب، ڪراچي کان پنجاب ۽ پنجاب کان ڪراچي سامان پهچائڻ ۾ مقرر وقت کان به 2 کان 3 ڏينهن اضافي لڳي رهيا آهن.
سامان پهچائڻ ۾ دير موٽر ويز کان سواءِ ٻين رستن تي ٿي رهي آهي، جتي عام حالتن ۾ سفر ٻه کان ٽي ڏينهن ۾ مڪمل ٿي ويندو آهي.

ڪجهه ٽرانسپورٽرن جو چوڻ آهي ته پنجاب جي مختلف شهرن ۾ مقامي حڪومتن ڪنٽينر ٽرڪن لاءِ ڪا به ڊائيورشن جون نشانيون نه لڳايون آهن، جنهن سبب ٽرڪ ڊرائيور اهڙن هنڌن تي پهچي وڃن ٿا جتان اڳتي وڃڻ ممڪن ناهي. اهڙي صورتحال ۾ سندن وقت ۽ تيل ٻئي ضايع ٿين ٿا.
کاڌ مينوفيڪچررز موجب ستلج، راوي ۽ چناب جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ کاڌ جي فراهمي مڪمل طور معطل ٿي چڪي آهي، اهڙي ريت ڪراچي جي سبزي منڊي ۾ بلوچستان کان بصر ۽ ڪولڊ اسٽوريج مان پٽاٽن جي رسد گهٽجيو ئي آهي.
ماهرن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته سبزي، فروٽ ۽ ٻيون عام واهپي واريون شيون هڪ شهر کان ٻئي هنڌ پهچائڻ ۾ وقت ۽ دير ٿيڻ سبب اِنهن جا اگهه وڌي سگهن ٿا، جنهن جي ڪري عوام کي ٻوڏ کانپوءِ مهانگائي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو.
ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب سياحن خوبصورت ماڳن تي اچڻ ئي ڇڏي ڏنو
لينڊ سلائيڊنگ، گليشيئر پگهرجن ۽ تيز وسڪارن سبب مقامي ۽ بين الاقوامي سياحت به متاثر ٿي آهي، جي بي ٽوئرازم ڊپارٽمينٽ جي اسسنٽ ڊائريڪٽر ساجد حسين موجب، هن سال گلگت بلتستان ۾ گلگت بلتستان ۾ جبل سر ڪندڙن جي انگ ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي آئي آهي.

هن ٻڌايو ته هلندڙ سيزن ۾ ڪي ٽو، براڊ پيڪ، گيشر برم ون، گيشر برم ٽو ۽ نانگا پربت جهڙين چوٽين کي سر ڪرڻ لاءِ هن سال رڳو 270 عالمي جبل چاڙهو آيا آهن، جڏهن ته گذريل سال 2 هزار کان وڌيڪ پرڏيهي جبل چاڙهو ۽ ٽريڪرز هن علائقي جو دورو ڪيو هو.
اهڙي ريت جي بي ٽوئرازم ڊپارٽمينٽ جي ڊائريڪٽر اقبال حسين ٻڌايو ته گلگت بلتستان ۾ سياحن جي آمد ۾ هن سال ڳڻتي جوڳي حد تائين 90 سيڪڙو گهٽتائي واقع ٿي آهي، گذريل سال هن خطي ۾ 24 هزار پرڏيهي سياح جن کي پرمٽ جي ضرورت نه هئي ۽ 10 لک ملڪي سياحن دورو ڪيو هو.