پاڪستان ۾ وسڪارن ۽ ٻوڏ سبب 670 ڄڻا فوت ٿيڻ جي تصديق

فہرستِ مضامین

پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ طوفاني وسڪارن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ 670 ڄڻا فوت ۽ ھڪ ھزار کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿي پيا آھن، ريسڪيو آپريشن دوران 25 ھزار کان وڌيڪ ماڻھن کي بچايو ويو آھي.

اھڙو اظھار وفاقي وزير عطاءُ اللھ تارڙ، پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس دوران ڪيو.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو تھ ٻوڏ واري صورتحال کي نظر ۾ رکندي قومي اتحاد جي قدم طور ھنگامي حالتن کي منھن ڏيڻ لاءِ حڪومت جو سمورن صوبن، واڳيل ادارن ۽ پاڪ فوج سان مربوط رابطو قائم ڪندي حڪمت عملي جوڙي وئي آھي.

وفاقي وزير ٻڌايو ته ٻوڏ کانپوءِ ھيل تائين 25 ھزار ماڻهن کي بچايو ويو آهي.

چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ چيو ته اتر علائقن ۾ طوفاني برساتن، ڪڪر ڦاٽڻ، ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب 670 ڄڻا فوت ۽ ھڪ ھزار کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيا آھن ۽ ان حوالي سان اين ڊي ايم اي گذريل ڏينھن آگاھ ڪيو ھو.

هن چيو ته گذريل ڏينھن واري رپورٽ ۾ جيڪي ماڻھو گم ٿيل ڄاڻايا ويا ھئا، انھن مان ڪجھ کي ھٿ ڪيو ويو آھي، جڏھن تھ بدقسمتي سان انھن مان اڪثر ماڻھو زندھ حالت ۾ نه ملي سگھيا.

سمورن گم ٿيل شهرين جي ڳولا مڪمل ٿيڻ تائين ريسڪيو آپريشن جاري رھندو، پاڪستان آرمي جون امدادي ٽيمون ۽ ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو گڏجي بحالي ۽ امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رهيون آهن.

انعام حيدر ملڪ چيو ته ريسڪيو آپريشنز دوران ھيل تائين 25 ھزار ماڻهن کي بچايو ويو آهي، زخمين جو علاج ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته ٻوڏ سبب بي گهر ٿيل ماڻهن ۾ راشن ۽ کاڌي پيتي واري سامان جي ورڇ به جاري آهي، دوائون ۽ ٻيون شيون به امداد ۾ شامل آهن.

فوج جا 8 يونٽ متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رھيا آھن

پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته خيبر پختونخواهه ۾ برسات ۽ ٻوڏ شروع ٿيندي ئي آرمي چيف فوري طور امدادي سرگرميون شروع ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون هيون، پاڪ فوج جا 8 يونٽ متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رھيا آھن.

هن چيو ته پاڪستان آرمي جون انجنيئرنگ برگيڊز، بٽالين ۽ ميڊيڪل يونٽس خيبر پختونخوا ۽ گلگت بلتستان ۾ ريسڪيو ۽ امدادي سرگرمين ۾ حصو وٺي رھيون آھن. متاثرين لاءِ پاڪ فوج جي ھڪ ڏينھن جو راشن مقرر ڪيو ويو آھي.

پاڪ فوج جي ترجمان چيو تھ آرمي جي  9 ميڊيڪل ڪئمپس ۾ ھيل تائين 6 ھزار 304 شهرين جو علاج ڪيو ويو آھي.

ھن چيو تھ ڏورانهن علائقن ۾ کاڌي پيتي، امداد ۽ ٻين سهولتن جي فراھمي کي ممڪن بڻايو پيو وڃي، پاڪستان آرمي جي سگنل ڪور جا يونٽ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي  سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن.

هن چيو ته خيبر پختونخوا ۾ 90 روڊ متاثر ٿيا، 9 روڊ مڪمل طور تي بحال ڪيا ويا آهن، باقي روڊن کي جاري برساتن سبب عارضي طور کوليو ويو آهي، قراقرم هاءِ وي 8 هنڌن تان بند هئي، جيڪا بحال ڪئي وئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں