فھميدہ رياض شھواڻي
پاڪستان ۾ تعليم جو شعبو هڪ سنگين بحران مان گذري رهيو آهي، جتي لکين نه پر ڪروڙين ٻار اڄ به اسڪول وڃڻ کان محروم آهن، سوال اهو آهي ته آخر ايتري وڏي تعداد ۾ ٻار تعليم کان ڇو پري آهن، ۽ هن مسئلي جي حل لاءِ ڇا ڪيو پيو وڃي؟
ٻارن جي عالمي اداري يونيسيف جي هڪ تازي رپورٽ موجب پاڪستان ۾ 5 کان 16 سال جي عمر جا لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ 51 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن۔ جيڪا دنيا ۾ ٻيو وڏوانگ آهي، صوبن ۾ اسڪول نه ويندڙ ٻارن جي ڪهڙي صورتحال آهي، اچو ته ان جو جائزو وٺون۔
يونيسيف جي رپورٽ موجب هن وقت پنجاب ۾ 97 لک ٻار اسڪول کان ٻاهر آهن، سنڌ ۾ هي انگ 74 لک ٻار آهن، خيبر پختونخوا ۾ 45 لک ٻار اسڪول نٿا وڃن بلوچستان ۾ 35 لک ٻار اسڪول کان ٻاھر آھن، ماهرن موجب بلوچستان ۽ سنڌ ۾ صورتحال خاص طور تي ڳڻتي جوڳي آهي، جتي هر ٻن مان هڪ ٻار به اسڪول نٿو پهچي سگهي۔
تعليم کان محرومي جو بار سڀ کان وڌيڪ ڇوڪرين تي پوي ٿو۔ خاص طور تي سنڌ ۽ خيبر پختونخوا ۾ اسڪول کان ٻاهر ڇوڪرين جو تعداد ڇوڪرن کان وڌيڪ آهي، رپورٽ موجب ان ڪارڻن ۾ شامل آهي، سماجي روايتون ۽ پابنديونگهٽ عمر جون شاديون والدين جي عدم دلچسپي يا آگاهي جي کوٽ سيڪيورٽي ۽ فاصلي جا مسئلاماهر چون ٿا ته “ڇوڪرين جي تعليم ۾ رڪاوٽون صرف معاشي نه پر سماجي ۽ ثقافتي به آهن۔.
آخر اصل مسئلو ڪٿي آهي؟
ماهرن موجب پاڪستان ۾ تعليم لاءِ سڀ کان گهٽ بجيٽ رکي وڃي ٿي، جيڪا جي ڊي پي جو صرف ڏھائي اٺ سيڪڙو آهي، ان کان علاوه تعليم جا لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو فنڊز صرف پگهارن تي خرچ ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته اسڪولن جون عمارتون استادن جي تربيتنصابي مواد لاءِ تمام گهٽ رقم بچي ٿي، ان سان گڏ انتظامي ڪمزوريون، اسڪولن جي کوٽ استادن جي غير حاضري ناقص تعليمي معيار اهي سڀ گڏجي ٻارن کي اسڪول کان پري رکن ٿا۔
سوال اهو آهي ته آخر ابتدائي تعليم ڇو اهم آهي؟
ڇا انهن مسئلن جو حل ممڪن آهي؟
ماهرن موجب جيڪڏهن ٻارن کي گهٽ عمر ۾ تعليم ڏني وڃي ته انهن جي اسڪول ۾ داخلا جا امڪان وڌي وڃن ٿا، اهي تعليم جاري رکڻ ۾ ڪامياب رهن ٿا، سکڻ جي صلاحيت بهتر ٿئي ٿي پر پاڪستان ۾ هي سهولت اڃا به محدود آهي، خاص طور تي غريب خاندانن لاءِ مسئلو صرف اسڪولن جي کوٽ ناهي پر والدين جي اڻڄاڻائي غربت سماجي دٻاءُ به ٻارن کي تعليم کان پري رکن ٿا۔ انهيءَ ڪري هاڻي اسڪول ۽ ڪميونٽي جي وچ ۾ لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ تي زور ڏنو پيو وڃي ته جيئن، ٻارن جو وقت سر داخلا ٿئي ڊراپ آئوٽ گهٽ ٿئي، تعليم مڪمل ٿي سگهي.
ماهرن موجب جيڪڏهن پاڪستان کي هن بحران مان نڪرڻو آهي ته فوري قدم ضروري آهن:
تعليم جو بجيٽ وڌايو وڃي، فنڊز جو بهتر استعمال ڪيو وڃي، ڇوڪرين جي تعليم تي خاص ڌيان ڏنو وڃي، ابتدائي تعليم کي فروغ ڏنو وڃي، متبادل تعليمي نظام کي وسيع ڪيو وڃي
ماهر خبردار ڪن ٿا ته “تعليم ۾ سيڙپڪاري نه ڪرڻ اصل ۾ مستقبل کي نظرانداز ڪرڻ آهي۔