پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سھڪار جو فريم ورڪ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي.
رياض ۾ وزيراعظم شھباز شريف ۽ سعودي ولي عھد محمد بن سلمان وچ ۾ ملاقات ٿي، جنھن جي گڏيل پڌرائي جاري ڪئي وئي آھي.
پرڏيھي کاتي موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب اقتصادي سھڪار جو فريم ورڪ لانچ ڪرڻ جو اعلان ڪيو آھي.
پرڏيھي کاتي موجب ٻنھي ملڪن وچ ۾ تاريخي ڀائيواري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ٿيو آھي، فريم ورڪ تحت اقتصادي، واپاري، سيڙپڪاري ۽ ترقياتي منصوبن تي ڳالھيون ٿينديون، توانائي، صنعت، مائنيز، آءِ ٽي، سياحت، زراعت ۽ فوڊ سيڪيورٽي ترجيحي شعبا قرار ڏنا ويا آھن.
پرڏيھي کاتي موجب ٻنھي ملڪن وچ ۾ بجلي جي ورڇ جي منصوبن تي مفاھمتي يادداشت تي صحيح جي تياري جاري آھي، توانائي جي شعبي ۾ سھڪار لاءِ مفاھمتي يادداشت تي بہ ڪم جاري آھي.
پرڏيھي کاتي موجب پڌرائي ۾ چيو ويو آھي تہ ٻئي ملڪ جٽادار ڀائيواري جا خواھشمند آھن، سعودي عرب ۽ پاڪستان جي قيادت اعليٰ سطحي سپريم ڪوآرڊينيشن ڪائونسل جي اجلاس جي منتظر آھي، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ سھڪار جا نوان موقعا ڳولڻ تي غور ڪيو ويندو.