ڪراچي: وڏي وزير سيد مراد علي شاه چيو آهي تہ پوليو جو مرض گهٽجي ويو هو، پر ڪجهہ سالن کان ٻيهر وڌي رھيو آهي، هن سال سنڌ ۾ پوليو جا 9 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، والدين ۽ عوام کان اپيل آهي ته هو پنهنجن ٻارن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پيارين۔
وڏي وزير مراد علي شاھ سي ايم ايس اسڪول ۾ ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري 15 کان 21 ڊسمبر تائين ھلندڙ پوليو جي خاتمي واري مھم جو افتتاح ڪيو.
تقريب ۾ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا پيچوھو، صحت واري سيڪريٽري ريحان اقبال بلوچ، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي ڪوآرڊينيٽر شھريار ميمڻ، صحت کاتي جي سينيئر عملدارن ۽ ٻين شرڪت ڪئي.
تقريب کي خطاب ڪندي وڏي وزير چيو تہ ڪجھ علائقن ۾ پوليو وائرس جي موجودگي سامھون آئي آھي جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالھ آھي.
مراد علي شاهہ ٻڌايو تہ سنڌ ۾ 2024 دوران پوليو جا 23 ڪيس ۽ 2025 ۾ 9 ڪيس رپورٽ ٿيا جن مان تازو ڪيس آگسٽ 2025 ۾ ضلعي بدين مان سامهون آيو، ھلندڙ سال رڳو ڪيس رڳو 6 ضلعن تائين محدود رھيا جن ۾ بدين، لاڙڪاڻو، قمبر، ٺٽو، عمرڪوٽ ۽ حيدرآباد شامل آهن.
وڏي وزير ٻڌايو تہ ھلندڙ مھم ۾ صوبي جي 30 ضلعن ۾ پنج سالن کان گھٽ عمر وارن ھڪ ڪروڙ 6 لک ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارا ويندا .
وڏي وزيرٻڌايو تہ هن مهم لاءِ 80 هزار کان وڌيڪ فرنٽ لائن ورڪر مقرر ڪيا ويا آهن ۽ ٽيمن جي تحفظ لاءِ 21 ھزار کان وڌيڪ سيڪيورٽي اھلڪار مقرر ڪيا ويا آھن، جن ۾ 400 ليڊي پوليس ڪانسٽيبلز پڻ شامل آھن، جيئن ويڪسينشن ٽيمن جي حفاظت ۽ مهم جي اثرائتي عملداري کي يقيني بڻائي سگهجي.
وڏي وزير چيو تہ صوبائي حڪومت مضبوط پلاننگ، مهم کان اڳ تياري ۽ فرنٽ لائن ورڪرن جي بهتر تربيت ۽ سهڪار کي ترجيح ڏئي رھي آهي، هن صحت کاتي، ضلعي انتظاميا ۽ ڀائيوار ادارن جي وچ ۾ ويجهي رابطي جي اهميت تي زور ڏيندي اسڪولن، سول سوسائٽي جي اڳواڻن، والدين ۽ مذهبي عالمن جي سرگرم شموليت کي بہ ضروري قرار ڏنو.
پوليو ورڪرن کي خراجِ تحسين پيش ڪندي مراد علي شاهہ چيو تہ انهن جي محنت هر ٻار کي هن معذور بڻائيندڙ بيماري کان بچائڻ لاءِ انتهائي اهم آهي، هن والدين کان اپيل ڪئي تہ هو ويڪسينشن ٽيمن سان مڪمل سهڪار ڪن ۽ يقيني بڻائين تہ ڪو بہ ٻار مهم کان محروم نہ رھي.
وڏي وزير پوليو جي خاتمي بابت ميڊيا جي ڪردار کي بہ اهم قرار ڏيندي چيو تہ صحيح معلومات جي فراهمي، غلط ڄاڻ جو تدارڪ ۽ ويڪسينشن جي پيغامن کي اثرائتي نموني اجاگر ڪرڻ ميڊيا جي ذميواري آهي، ڇو تہ پوليو کان پاڪ سنڌ ۽ پوليو کان پاڪ پاڪستان لاءِ گڏيل ڪوششون لازمي آهن.
وڏي وزير چيو تہ شهيد محترمہ بينظير ڀٽو 1990ع ۾ پنهنجي نياڻي آصفہ ڀٽو کي پوليو جا ڦڙا پياريندي پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم جو آغاز ڪيو هو ۽ قوم لاءِ هڪ مثال قائم ڪيو هو، اسان کي يقيني بڻائڻو پوندو تہ هر ٻار کي پوليو جا ڦڙا ملن تہ جيئن هن معذور بڻائيندڙ بيماري جو هميشه لاءِ خاتمو ٿي سگهي.
وڏي وزير سنڌ چيو تہ اهو انتهائي افسوسناڪ آهي تہ پاڪستان ۽ افغانستان دنيا جا ٻئي واحد ملڪ آهن، جتي اڃا تائين پوليو وائرس موجود آهي، پوليو ٻار جو مستقبل تباهہ ڪري ڇڏي ٿو ۽ اسان ان کي برداشت نٿا ڪري سگهون.
وڏي وزير چيو تہ ھيل تائين پاڪستان ۾ پوليو جا 30 ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن، جن مان 9 ڪيس سنڌ جا آهن، هن خبردار ڪيو تہ ماضي ۾ ڪيسن ۾ گهٽتائي آئي هئي، پر تازو عرصي ۾ ٻيهر اضافو ڏسڻ ۾ آيو آھي.
وڏي وزير پوليو ورڪرزن کي ھدايت ڪئي تہ ھو گھر گھر وڃي ٻارڙن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارين، هن شهرين کان اپيل ڪندي چيو تہ پوليو ورڪرن جو ڀليڪار ڪيو وڃي ۽ مڪمل سهڪار ڪيو وڃي. …….