پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ استنبول ۾ ٿيندڙ ڳالھين ۾ ڊيڊلاڪ

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : اطلاعات واري وفاقي وزير ۽ عطا اللھ چيو آهي تہ پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ ترڪيہ جي شهر استنبول ۾ جاري ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ ٿي ويو آھي

عطاالله تارڙ هڪ بيان ۾ چيو تہ استنبول ڳالهين ۾ ڊيڊ لاڪ ٿي ويو آگي، تنهن هوندي بہ پاڪستان ڳالهين ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ تي ترڪہ ۽ قطر جا ٿورا مڃيا آهن۔

هن چيو تہ پاڪستان پنهنجي اصولي موقف تي قائم آهي تہ افغانستان جي سرزمين تان ٿيندڙ دهشتگردي تي ضابطو آڻڻ جي ذميواري افغانستان تي لاڳو ٿئي ٿي۔

وفاقي وزير وڌيڪ چيو تہ افغان طالبان 2021ع جي دوحہ امن معاهدي تحت پنهنجا عالمي، علائقائي ۽ ٻطرفا واعدا اڃا تائين پورا نہ ڪري سگهيا آهن، جڏھن تہ پاڪستان ٻيهر اهو عزم ورجائي ٿو تہ اهو افغان عوام سان خيرسگالي جو جذبو رکي ٿو ۽ انهن لاءِ پرامن مستقبل جو خواهشمند آهي۔

عطاالله تارڙ جو چوڻ هو تہ پاڪستان طالبان حڪومت جي اهڙن قدمن جي حمايت نہ ڪندو، جيڪي افغان عوام يا پاڙيسري ملڪن جي مفاد ۾ نہ هجن ۽ پاڪستان پنهنجي عوام ۽ خودمختياري جي تحفظ لاءِ سڀ ضروري قدم کڻندو رھندو۔

يادرھي تہ استنبول ۾ پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ جنگبندي دوران ڳالهين جو ٽيون دور گذريل ڏينهن شروع ٿيو، جنهن ۾ ٻنهي ملڪن جا اعليٰ سطحي عهديدار شريڪ ھئا،  ترڪيہ ۽ قطر جي ٽياڪڙي ۾ گذريل مهيني دوحہ کانپوءِ استنبول ۾ بہ اهڙيون ڳالھيون ٿيون هيون، جتي جنگبندي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو هو۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں