پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ 1.2 ارب ڊالرز جو اسٽاف ليول معاھدو ٿي ويو

فہرستِ مضامین

پاڪستان ۽ عالمي مالياتي فنڊ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف ليول معاھدي طئي ٿي ويو آھي، ايگزيڪٽيو بورڊ جي منظوري بعد پاڪستان کي ھڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالرز جي قسط جاري ڪئي ويندي.

آءِ ايم ايف جي بيان ۾چيو ويو آهي تہ پاڪستان جو معاشي پروگرام، آءِ ايم ايف جي سهڪار سان هلندڙ ايڪسٽينڊڊ فنڊ سهولت تحت، استحڪام ۽ مارڪيٽ جي اعتماد جي بحالي ڏانهن وڌي رھيو آهي، پاڪستان جي معيشت ۾ بھتري جو عمل جاري آھي ۽ مالي خسارو گھٽ ٿيو آھي.

بيان ۾ چيو ويو آهي تہ مالي سال 2025 ۾، پاڪستان جو ڪرنٽ اڪائونٽ 14 سالن ۾ پهريون ڀيرو سرپلس ۾ رهيو، پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ بهتري آئي آهي، پاڪستان جي معاشي ترقي 3.25 کان 3.5 سيڪڙو تائين رهڻ جو امڪان آهي. آءِ ايم ايف موجب پاڪستان کي اِي ايف ايف تحت  ھڪ ارب ڊالرز ۽ آر ايس ايف تحت 20 ڪروڙ ڊالرز ملندا

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں