اسلام آباد : ھلندڙ مالي سال جولائي کان ڊسمبر تائين حڪومت 5300 ارب رپين کان وڌيڪ رقم وياج جي مد ۾ ادا ڪئي
سرڪاري دستاويزن موجب جون 2025 تائين ملڪ تي وياج جون ادائيگيون 8900 ارب رپيا هيون، جڏھن تہ ڊسمبر تائين قرضن تي واجب وياج جون ادائيگيون 3600 ارب رپين تائين گهٽجي ويون آهن۔
دستاويزن موجب هلندڙ مالي سال ۾ قرضن تي وياج جي ادائيگي لاءِ 8207 ارب رپيا مختص ڪيا ويا هئا، جڏھن تہ پاڪستان تي ملڪي ۽ غيرملڪي قرضن جو مجموعي ڪاٿو 81 هزار 400 ارب رپيا ٿي چڪو آهي۔
ڪل قرض مان 26 هزار ارب رپيا پرڏيهي ۽ 55 هزار ارب رپيا مقامي قرض آهي، جڏھن تہ هلندڙ سال جي باقي 2900 ارب رپين جون وياج ادائيگيون پاڪستان کي جون تائين ڪرڻيون آهن۔
سرڪاري انگن اکرن موجب هلندڙ سال قرضن تي وياج ادائيگي لاءِ مختص رقم بجيٽ جو 46.7 سيڪڙو آهي، جڏھن تہ پاڪستان جو مجموعي قرض جي ڊي پي جي 70.7 سيڪڙو تائين پهچي چڪو آهي۔..