پاڪستان آسٽريليا جي شھر سڊني ۾ سمنڊ ڪناري ٿيل حملي تي افسوس جو اظھار ڪيو آھي
سڊني ۾ واقع سمنڊ ڪناري ۾ يھودين جي مذھبي تھوار جي تقريب دوران 2 ھٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ 12 ڄڻا مارجي ويا، جڏھن تہ 37 جي لڳ ڀڳ زخمي ٿيا
آسٽريلوي وزيراعظم واقعي کي دھشتگردي قرار ڏيندي چيو آھي تہ ھن ۾ رڳو يھودين کي نشانو بڻايو ويو
پاڪستان بونڊي بيچ تي ٿيل حملي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي، وزيراعظم سماجي رابطن واري ويب سائيٽ تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي تہ سڊني ۾ ٿيل المناڪ دهشتگرد حملي ۾ متاثرن سان تعزيت جو اظھار ڪيان ٿو.
ھن چيو تہ پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪري ٿو ۽ هن ڏکئي گهڙي ۾ آسٽريليا جي عوام ۽ حڪومت سان يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو۔
گھرو وزير محسن نقوي آسٽريليا ۾ سڊني جي سمنڊ ڪناري تي ٿيل دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي تہ حملي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي ڏک ٿيو آهي.
هن چيو تہ مان آسٽريليا جي وزيراعظم، حڪومت ۽ عوام سان دلي تعزيت ڪريان ٿو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهيان۔وفاقي وزير لکيو تہ دھشتگردي سراسر برائي آھي ۽ اھا انسانيت خلاف معاف نہ ڪرڻ جوڳو ڏوھ آھي، پاڪستان روز ھن خطري کي منھن ڏئي رھيو آھي، انڪري ھو آسٽريلوي عوام جي ڏک کي سمجھن ٿا.