پاڪستان يورو بانڊ ذريعي 3 ارب ڊالر حاصل ڪري ورتا: ناڻي وارو وزير

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان يورو بانڊ جاري ڪري 3 ارب ڊالر حاصل ڪري ورتا آهن، جيڪا ملڪ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي بانڊ ٽرانزيڪشن آهي.

ايشيائي ترقياتي بئنڪ (ADB) جي ٽيڪس سڌارن بابت تقريب کي خطاب ڪندي محمد اورنگزيب چيو ته 3 ارب ڊالر جو يورو بانڊ جاري ٿيڻ عالمي ريٽنگ ايجنسين جي پاڪستان تي اعتماد جو واضح اظهار آهي.

ناڻي واري وزير موجب اپريل 2025ع کان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ 3 ڀيرا بهتري اچي چڪي آهي، جڏهن ته يورو بانڊ لاءِ آرڊر بُڪ جو حجم جاري ڪيل بانڊ جي رقم کان ٻيڻو رهيو.

هن چيو ته ايشيا، وچ اوڀر، يورپ ۽ آمريڪا جي سيڙپڪارن يورو بانڊ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته عالمي سيڙپڪارن جو پاڪستاني معيشت تي اعتماد ٻيهر بحال ٿي رهيو آهي.

محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ سان گڏ ٽيڪس نظام ۾ جامع سڌارن تي عمل ڪري رهي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ٽيڪس وصولي ۾ پڻ نمايان بهتري آئي آهي.

ناڻي واري وزير موجب پاڪستان کي 5 سالن ۽ 10 سالن جي يورو بانڊز لاءِ بهتر قيمت حاصل ٿي آهي.

هن واضح ڪيو ته 3 ارب ڊالر جو يورو بانڊ جاري ڪرڻ ڪو اوچتو يا عارضي فيصلو نه آهي، پر اهو حڪومت جي ٽن سالن واري وچولي مدي جي GMTN حڪمت عملي جو حصو آهي.

محمد اورنگزيب چيو ته حڪومت پرڏيهي فنانسنگ ۾ ميچورٽيز وڌائڻ ۽ قرضن جي رول اوور سان لاڳاپيل خطرو گهٽائڻ لاءِ حڪمت عملي اختيار ڪري رهي آهي.

هن ٻڌايو ته پاڪستان ٻاهرين فنانسنگ جا ذريعا متنوع بڻائڻ لاءِ سڪوڪ، ڊالر سيٽلڊ بانڊز ۽ پانڊا بانڊز سميت مختلف آپشنز استعمال ڪري رهيو آهي.

ناڻي واري وزير موجب يورو بانڊ جو ڪامياب اجرا عالمي مالي مارڪيٽن ۾ پاڪستان جي معاشي پاليسين ۽ مستقبل بابت سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد کي ظاهر ڪري ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں