گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي موجب پاڪستان معيشت ۽ امن جي حوالي سان ڀارت کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
گليپ سروي موجب سال 2026ع جي شروعات ۾ پاڪستان معاشي صورتحال ۽ امن جي حوالي سان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري آهي، 60 ملڪن ۾ ڪيل گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ پاڪستان ڀارت ۽ عالمي وچ ٻنهي کان اڳتي رھيو آهي۔
سروي ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي تہ پاڪستان ۾ 51 سيڪڙو ماڻهو ايندڙ سال بابت پُراميد آهن، جڏھن تہ مجموعي طور 31 سيڪڙو ماڻهن ھاڪاري راءِ ڏني آهي۔
گلوبل اڪنامڪ گيلپ سروي ۾ چيو ويو آهي تہ معيشت جي لحاظ سان 53 سيڪڙو پاڪستاني 2026 کي خوشحالي جو سال سمجھن ٿا، پُراميد پاڪستانين جي شرح ڀارت جي 39 سيڪڙو کان گهڻي آهي.
سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ امن جي لحاظ کان بہ پاڪستان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري رھيو آهي، 52 سيڪڙو پاڪستانين کي اميد آهي تہ دنيا ۾ امن وڌندو، جڏھن تہ ڀارت ۾ اها شرح رڳو 26 سيڪڙو آهي، پاڪستان ۾ هي سطح 1994 کانپوءِ رڪارڊ ڪيل اميدن ۾ سڀ کان بلند سطح آهي۔……