پاڪستان ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ گذريل سال ٿيل ڇڪتاڻ ۽ سرحدي رستن جي بندش سبب دوائن جي پيدا ٿيل کوٽ کي منهن ڏيڻ لاءِ افغانستان اندر ئي دوائون تيار ڪرڻ جي ڪوششن کي تيز ڪري ڇڏيو آهي.
افغان وزارتِ صحت ۽ فارماسيوٽيڪل ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ لڳ ڀڳ 3 هزار قسمن جي دوائن مان صرف 20 سيڪڙو افغانستان ۾ تيار ٿين ٿيون، جڏهن ته باقي 80 سيڪڙو ٻاهران گهرائڻيون پون ٿيون.
طالبان حڪومت جي انگن اکرن موجب، هن وقت صرف 600 قسمن جون دوائون مقامي سطح تي تيار ڪيون پيون وڃن۔
فارماسيوٽيڪل ايسوسيئيشن جي سربراهه احمد سعيد شمس موجب، اهي 600 دوائون مارڪيٽ جي صرف 25 سيڪڙو ضرورت کي پورو ڪن ٿيون.
افغان وزارتِ صحت پاران ڪابل ۾ 1 هزار ايڪڙ زمين فارماسيوٽيڪل ڪمپنين لاءِ مختص ڪئي وئي آهي ته جيئن اهي پنهنجون فيڪٽريون لڳائي سگهن.
احمد سعيد شمس موجب، سندس ڪمپني ’بختار‘ کان علاوه هاڻي ’الفا ون‘ نالي نئين ڪمپني به جلد آپريشنل ٿيندي، جنهن لاءِ مشينري پهچي چڪي آهي.
افغان ڪمپنيون هاڻي پنهنجي پيداوار کي ٻاهرين ملڪن ۾ وڪرو ڪرڻ لاءِ به ڪوششون ڪري رهيون آهن. گهٽ ۾ گهٽ چئن ڪمپنين عالمي سطح جا اجازت ناما حاصل ڪري ورتا آهن.
ٻاهران گهرايل دوائون ۽ متبادل ذريعا: پاڪستان سان سرحد جي بندش ۽ تڪرار کانپوءِ طالبان حڪومت پاڪستاني دوائن تي پابندي لڳائي هئي. جنهن کانپوءِ هاڻي انڊيا، ايران، چين، ترڪي، بنگلاديش ۽ ازبڪستان مان دوائون گهرائڻ جو سلسلو تيز ڪيو ويو آهي.
افغانستان ۾ دوائون تيار ڪرڻ لاءِ گهڻو ڪري خام مال چين مان گهرايو ويندو آهي.
مقامي فيڪٽرين ۾ افغان ماهرن سان گڏ غير ملڪي ماهر پڻ ڪم ڪري رهيا آهن.
مقامي ڪمپنين طالبان حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته ٻاهران ايندڙ دوائن تي ٽيرف (ٽيڪس) وڌايو وڃي ته جيئن مقامي صنعت ترقي ڪري سگهي.