پاڪستان سان جنگ دوران تباھ ڪيل ڀارتي رافيل جھازن جا نمبر سامھون اچي ويا

فہرستِ مضامین

برطانوي رسالي مئي مهيني ۾ ٿيل پاڪ-ڀارت جنگ دوران ڪيرايل چار رافيل جهازن جا انگ اکر سامھون آڻي ڇڏيا.

برطانوي دفاعي ميگزين ڪي ايئرو (Key Aero) جي تحقيقي رپورٽ موجب، مئي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٿيل 52 منٽن جي فضائي جنگ دوران ڀارتي هوائي فوج جا چار رافيل جنگي جهاز تباه ٿيا.

رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي تہ تباه ٿيل رافيل جهازن جا نمبر بي ايس 001، بي ايس 021، بي ايس 022 ۽ بي ايس 027 هئا، جڏھن ته ڀارت انهن چئن جهازن جي سيريل نمبرن سان لاڳاپيل ڪا بہ واضح تصوير پيش ڪرڻ ۾ ناڪام رھيو آھي.

رپورٽ موجب، پاڪستان جي ملٽي ڊومين آپريشنز ڀارتي فضائيہ کي مفلوج ڪري ڇڏيو ھو، جڏهن تہ ڀارتي هوائي فوج جي مجموعي نقصانن ۾ چار رافيل، مگ-29، ايس يو-30 ۽ هيرون ڊرون شامل آهن.

برطانوي رسالي جي رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي تہ پاڪ فوج  اڌم پور ۾ ڀارتي دفاعي نظام ايس400 کي تباهھ ڪيو، جڏھن تہ پاڪستاني هوائي فوج برنالا ۾ ڀارتي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سسٽم بہ تباه ڪيو.

رپورٽ مطابق، پاڪستاني سائبر يونٽن ڀارت جي لڳ ڀڳ 96 سيڪڙو سوشل نيٽ ورڪن ۽ ڊجيٽل نظام کي مفلوج ڪيو، پهريون ڀيرو ڪنهن هوائي فوج سائبر ۽ روايتي فوجي ڪاررواين کي گڏ ڪري آپريشن ڪيو.

رپورٽ ۾ اهو بہ ٻڌايو ويو آهي تہ ڀارتي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل انيل چوھاڻ هڪ انٽرويو ۾ ڀارتي جهازن جي تباهي کي تسليم ڪيو هو، ان کان اڳ پاڪستاني هوائي فوج آپريشن سوئفٽ ريٽارٽ دوران ڀارتي مگ-21 جهاز ڪيرايو هو…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں