پاڪستان ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ پاڻ ڀرائپ ڏانھن ھڪ وڏي وک کڻندي پنھنجو ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ خلا ۾ اماڻي ڇڏيو آھي.
پاڪستان جي خلائي تحقيق واري اداري اسپارڪو تصديق ڪئي آھي تھ پاڪستان پاران اماڻيل سيٽلائيٽ خلائي مدار ۾ پھچي ويو آھي.
ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ چين جي شيجانگ سيٽلائيٽ لانچ سينٽر (ايڪس ايس ايل سي) تان خلا ۾ موڪليو ويو.
پاڪستان پاران سيٽلائيٽ لانچ کي خلائي سفر جي ميدان ۾ هڪ اهم سنگ ميل قرار ڏنو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته هي سيٽلائيٽ زمين جي نگراني ۾ ملڪ جي صلاحيتن کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
پاڪستان جي سرڪاري خابرو اداري اي پي پي مطابق سيٽلائيٽ جي لانچنگ وقت رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال، سپارڪو جا ماهر ۽ سائنسدان بھ لانچ سينٽر ۾ موجود ھئا.
سيٽلائيٽ قدرتي آفتن جي اڳڪٿي ۾ مدد ڪندو
خلا ۾ اماڻيل سيٽلائيٽ پاڪستان جي خلائي ويزن 2047 جي تحت لانچ ڪيو ويو آهي.
اي پي پي موجب جديد ترين اميجنگ سسٽم سان ليس سيٽلائيٽ زراعت ۽ شهري رٿابندي کان ماحولياتي نگراني ۽ آفتن کي منھن ڏيڻ جي انتظامن تائين مختلف منصوبن ۾ مدد فراهم ڪندو.
اميجنگ سيٽلائيٽ قومي ترقياتي پروگرامن، جهڙوڪ پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي تحت انفراسٽرڪچر پلاننگ ۽ جيو ميپنگ ۾ مدد بھ ڪندو.
لانچ ڪيل سيٽلائيٽ ٻوڏ، زلزلي، لينڊ سلائيڊنگ، گليشيئر پگھرڻ ۽ ٻيلن جي واڍي جي اثرن جي اڳڪٿي ۽ نقصانن جي گهٽتائي ۾ مددگار بھ ثابت ٿيندو.
جديد ٽيڪنالاجي سان ليس هي سيٽلائيٽ شهري منصوبابندي، مضبوط زرعي حڪمت عملين، ماحولياتي تحفظ ۽ خوراڪ جي تحفظ جهڙن اهم شعبن ۾ بھ اثرائتي مدد فراهم ڪندو.
ايندڙ سال پاڪستاني خلاباز کي خلا ۾ اماڻيو ويندو

رٿابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال قوم کي ريموٽ سينسنگ سيٽلائيٽ جي ڪامياب لانچنگ تي واڌايون ڏنيون، هن سپارڪو جي پوري ٽيم، خاص طور انجنيئرن ۽ سائنسدانن کي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.
احسن اقبال چيو ته اسان هن منصوبي ۾ چين جي لاڳيتي مدد ۽ سھڪار تي سندن ٿورائتا آھيون. هن تصديق ڪئي ته سيٽلائيٽ ڪاميابي سان پنهنجي مقرر ڪيل مدار ۾ داخل ٿي چڪو آهي ۽ جلد ئي ڊيٽا فراهم ڪرڻ شروع ڪندو.
وفاقي وزير چيو ته اسان خلائي ٽيڪنالاجي ۾ پاڪستان جي قيادت کي بحال ڪرڻ لاءِ پرعزم آهيون.
ھن چيو تھ چين جي تعاون سان، اسان ايندڙ سال هڪ پاڪستاني خلاباز کي خلا ۾ موڪلڻ ۽ 2035 تائين پنهنجو پهريون قمري مشن مڪمل ڪرڻ ۽ چنڊ تي پير رکڻ جو به منصوبو ٺاهيو آهي.
سپارڪو جي چيئرمين محمد يوسف خان چيو ته هي ڪامياب لانچ زمين جي مشاهدي واري هڪ مربوط ۽ مضبوط نظام لاءِ بنياد فراهم ڪري ٿو، جيڪو قومي ترجيحن کي پورو ڪندو.
هن چيو ته نئون سيٽلائيٽ پاڪستان جي جٽادار سماجي-اقتصادي ترقي ۾ بامعني ڪردار ادا ڪندو.
پاڪستان تازو خلائي کوجنا جي ميدان ۾ اهم ترقي ڪئي آهي، ھلندڙ سال جي شروع ۾ چين جي جيوڪوان سيٽلائيٽ لانچ سينٽر تان پاڪستان پاران تيار ڪيل اليڪٽرو آپٽيڪل سيٽلائيٽ بھ خلا ۾ موڪليو ويو ھو.
ان مشن جو مقصد قدرتي آفتن جي اڳواٽ آگاھي ڏيڻ ۽ وسيلن جي استعمال واري انتظام جي بھتري يقيني بڻائڻ آهي.