پاڪستان دوست ملڪن جي درخواست تي افغان طالبان سان ٻيھر ڳالھيون شروع ڪرڻ تي راضي ٿي ويو آھي، ذريعن جو چوڻ آھي تہ پاڪستان ڳالھين واري عمل کي ھڪ ٻيو موقعو ڏيڻ چاھي ٿو.
ذريعن موجب ترڪيہ ۾ موجود پاڪستاني وفد کي اڄ ڏيھ واپس موٽڻو ھو پر ترڪيح جي درخواست تي وفد استنبول ۾ ئي موجود رھندو.
ذريعن جو چوڻ آھي تہ افغان اختيارين ڳالھين جي حوالي سان سُفارتي سطح تي رابطا ڪيا آھن، جنھن بعد ٻنھي ملڪن وچ ۾ ڳالھيون ٻيھر بحال ٿي ويون آھن.
ذريعن موجب ترڪيہ چاھي ٿو تہ سندس ميزباني ۾ ٿيندڙ ڳالھيون نتيجو ڏيندڙ ثابت ٿين ۽ ٻنھي ملڪن جو وفد ڳالھين جي ڪاميابيءَ کانسواءِ واپس نہ وڃي.
ذريعن موجب، ترڪيہ جي درخواست تي پاڪستان امن ڳالھين کي ھڪ ٻيو موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪندي پنھنجي وفد کي اُتي موجود رھڻ جي ھدايت ڪئي آھي.
ھوڏانھن ذريعن جو چوڻ آھي تہ افغانستان بندش پيل ٽي ٽي پي جي ويڙھاڪن کي ملڪ بدر ڪرڻ جي تجويز ڏني پر پاڪستان ٽي ٽي پي کي افغانستان ۾ دھشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.
پاڪستان جو موقف آھي تہ افغان طالبان، بندش پيل ٽي ٽي پي کي افغانستان ۾ دھشتگرد تنظيم قرار ڏيڻ سان گڏ ان جي ڪاررواين کي غير شرعي قرار ڏين.
پاڪستان پاران افغانستان کان دھشتگردن خلاف اثرائتي ڪارروائي جو بہ مطالبو ڪيو ويو آھي.