ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان جي مشهور گلوڪاره آئيما بيگ خاموشيءَ سان نڪاح ڪري ڇڏيو آھي، آئيما بيگ پنهنجي ويجهي دوست زين احمد سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي، سندن شادي جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.
آئيما بيگ ۽ زين احمد ۾ قربتن جون خبرون ڪافي وقت کان سوشل ميڊيا تي نظر آيون پئي. ٻنهي کي ڪيترائي ڀيرا گڏ ڏٺو ويو، ڪجهه مهينا اڳ انهن انسٽاگرام تي پنهنجي محبت کي رسمي طور تسليم ڪيو هو، هاڻ ٻئي ڄڻا ھڪٻئي سان سموري زندگي گذارڻ لاءِ تيار آھن.
زين احمد ۽ آئيما جي شادي جو اهتمام انتهائي سادگي ۽ پرائيويٽ نموني سان ڪيو ويو، جيئن ته صرف ويجها ماڻهو ئي هن خوشيءَ ۾ شريڪ ٿي سگهن. شاديءَ جي تقريب ڪينيڊا ۾ منعقد ڪئي وئي.
انسٽاگرام اڪائونٽ تي آئيما بيگ زين احمد سان پنھنجي شادي جون تصويرون جاري ڪيون آھن، جيڪي وائرل ٿي ويون آھن، شادي جون تصويرون سامھون اچڻ کانپوءِ مداحن جوڙي لاءِ نيڪ خواھشن جو اظھار ڪيو آھي.
10 مارچ 1995 تي لاھور ۾ اک کوليندڙ آئيما بيگ جو شمار پاڪستان جي مشھور گلوڪارن ۾ ٿئي ٿو، کيس گھڻي مقبوليت پاڪستاني ڊرامن ۾ ڳايل ( او ايس ٽي) سان ملي، سندس ٻيا ڳايل گانا بھ گھڻا مشھور آھن، سندس 2 ڀينر ڪومل ۽ ناديا بيگ بھ سيلبريٽي آھن.
مڱڻي ختم ڪرڻ جو اعلان

آئيما بيگ ان کان اڳ اداڪار شهباز شگري جي مڱيندي رهي چڪي آهي، هن 2021 ۾ شهباز شگري سان مڱڻي ڪئي هئي، پر هڪ سال کان پوءِ گلوڪاره باضابطه طور تي مڱڻي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو.
آئيما بيگ نه فقط گلوڪاريءَ ۾ تمام گهڻي ڪامياب آهي، پر پنهنجي منفرد فيشن سينس ۽ خوداعتمادي لاءِ پڻ مشهور آهي. هن هميشه پنهنجي شخصيت کي پنهنجي انداز ۾ پيش ڪيو آهي ۽ ماڻهن جي راءِ جي پرواهه ناهي ڪئي. هاڻ شاديءَ کان پوءِ هوءَ زندگيءَ جي هن نئين سفر مان به لطف اندوز ٿي رهي آهي.
زين احمد ڪير آهي؟
ميڊيا رپورٽس زين احمد جو تعلق لاهور سان آهي، هن 2018 ۾ پنهنجو برانڊ قائم ” راستھ” قائم ڪيو ھو، جيڪو سموري دنيا ۾ پنھنجي لباسن سان سڃاتو وڃي ٿو، ھن برانڊ جا ڪپڙا بالي ووڊ توڙي ھالي ووڊ جي مشھور شخصيتن بھ پھريا آھن.
زين احمد جي حوالي سان اھو بھ ٻڌايو وڃي ٿو تھ اھو اصل لاھور جو آھي پر سندس ڪينيڊا ۾ بھ گھر آھي، شادي جي تقريب ڪينيڊا ۾ ڪوٺائڻ جو مقصد اھو ئي ھو تھ اتي زين جا ويجھا دوست ۽ گھرڀاتي بھ موجود ھئا.
آئيما بيگ پاڪستاني ڊرامن راز الفت، فتور،اي زندگي، دو بول ۽ ٻين جي او ايس ٽي ڪلام پنھنجي آواز ۾ ڳايو آھي، ان کان علاوھ ھن ڪوڪ اسٽوڊيو جي مختلف پروگرامن ۾ بھ پنھنجي فن جو مظاھرو ڪيو آھي.