پاڪستان جي اسڪواش رانديگر عاصم خان هانگ ڪانگ ۾ ٿيل ورلڊ اسڪواش چيمپئن شپ جي ايشيائي ڪواليفائر ايونٽ کٽي عالمي چيمپئن شپ لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.
ايونٽ جي فائنل ۾ عاصم خان ملائيشيا جي رانديگر جوڪم چواه کي سخت مقابلي کانپوءِ 3-2 تان شڪست ڏني.
ميچ جو اسڪور 3-11، 11-13، 11-9، 11-3 ۽ 10-12 رهيو، جنهن ۾ عاصم خان شاندار راند جو مظاهرو ڪندي ڪاميابي ماڻي.