اسلام آباد : پاڪستان يمن ۾ ٻيھر تشدد وڌڻ تي ڳڻتي جو اظھار ڪندي يمن جي اتحاد ۽ عالمي علائقائي سلامتي جي مڪمل حمايت جو عزم ورجايو آھي.
پرڏيھي ترجمان جو چوڻ آھي تہ يمن ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام لاءِ ٿيندڙ سمورين ڪوششن جي حمايت ڪيون ٿا، يمن جي ڪنھن بہ ڌر پاران ھڪ طرفي قدمن جي سخت مخالفت ڪيون ٿا.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ آهي تہ ھڪ طرفا قدم صورتحال کي وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائيندا ۽ خطي جو امن خطري ۾ وجهي سگهن ٿا۔
ترجمان پرڏيهي کاتي موجب پاڪستان يمن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن برقرار رکڻ لاءِ علائقائي ڪوششن جي حمايت ڪري ٿو ۽ سعودي عرب سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪندي ملڪي سلامتي سان وابسطگي کي دھرائي ٿو.
پرڏيھي ترجمان موجب سعودي عرب جي سيڪيورٽي پاڪستان لاءِ اھم آھي، ھر ممڪن سھڪار جاري رھندو، پاڪستان سعودي عرب سان مڪمل يڪجھتي جو اظھار ڪري ٿو.
ترجمان جو چوڻ آھي تہ يمن مسئلي جي حل لاءِ ڳالھين ۽ سفارتڪاري جي بنياد تي رستو اختيار ڪيو وڃي،
ترجمان پرڏيهي کاتي وڌيڪ چيو ته يمن جي مسئلي جو حل ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي بنياد تي ڳوليو وڃي، اميد آهي ته يمن جا ماڻهو ۽ علائقائي قوتون گڏجي جامع ۽ ڊگهي مدي واري حل ڏانهن وڌنديون، ڇو تہ يمن ۾ پائيدار صلح علائقي جي استحڪام لاءِ ضروري آهي۔