اسلام آباد : پاڪستان جو مجموعي قرض 81 هزار ارب رپين تائين پهچي ويو آهي۔
سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت هيٺ سينيٽ اقتصادي معاملن بابت ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنھن ۾ آءِ ايم ايف سميت ٻاهرين ۽ مقامي قرضن جو معاملو بحث ھيٺ آيو ۔
اجلاس دوران اقتصادي معاملن واري ڊويزن جي عملدارن بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ پاڪستان تي مجموعي قرض 81 هزار ارب رپيا آهي، جن مان 26 هزار ارب ٻاهرين ۽ 55 هزار ارب رپيا مقامي قرض آهي۔
عملدارن چيو تہ 25 ڪروڙ آبادي جي حساب سان في ماڻهو تي قرض 3 لک 25 هزار رپيا بڻجي ٿو ۽ اهڙي طرح هر پاڪستاني 3 لک 25 هزار رپين کان وڌيڪ جو قرضي ٿي ويو آهي۔…….