واپار واري وزارت انساني بنيادن تي طورخم ۽ چمن واپاري لنگھہ کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
پرڏيهي وزارت سان مشاورت کانپوءِ اهو قدم پاڪستان ۽ افغانستان وچ ۾ گذريل 50 ڏينهن کان واپاري لنگهہ بند هجڻ جي نتيجي ۾ افغانستان ۾ غذائي شين ۽ دوائن جي کوٽ سبب کنيو ويو آهي تہ جيئن افغان عوام جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن.
واپار واري وزارت ميمبر ڪسٽمز (آپريشنز) ايف بي آر اسلام آباد ۽ ڊائريڪٽر جنرل ٽرانزٽ ٽريڊ ڪراچي ايف بي آر کي ليٽر لکيو آهي، جنهن ۾ درخواست ڪئي وئي آهي تہ انساني همدردي جي بنياد تي گڏيل قومن جي افغانستان لاءِ موڪليل ڪارگو جي اچ وڃ ۾ سهولت فراهم ڪيو.
خط موجب پرڏيهي وزارت سان مشاورت کانپوءِ فيصلو ڪيو ويو آهي تہ يونيسيف، ورلڊ فوڊ پروگرام ۽ يونائيٽيڊ نيشن پاپوليشن فنڊ جي ڪنٽينرز جي مرحلي وار ڪليئرنس ڪئي وڃي.
پهرئين مرحلي ۾ افغانستان خوراڪ جو سامان کڻي ويندڙ ڪنٽينرز، جڏھن تہ تہ ٻئي مرحلي ۾ دوائون ۽ طبي سامان کڻي ويندڙ ڪنٽينرن کي ڪليئرنس ڏني وڃي، ٽئين مرحلي ۾ ٻيون ضروري شيون (شاگردن ۽ استادن لاءِ ڪٽ وغيرا) جي ڪنٽينرز کي ڪليئر ڪرڻو پوندو.
ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ جنرل آف ٽرانزٽ ٽريڊ ۽ فيڊرل بورڊ آف روينيو کي درخواست ڪئي وئي آهي ته انهن ڪنٽينرن جي ڪليئرنس ۽ اڳتي پهچ لاءِ ضروري ڪارروائي ڪيو ته جيئن اهي چمن ۽ طورخم رستي موڪلي سگهجن.
واضح رھي تہ افغانستان سان ڇڪتاڻ سبب 12 آڪٽوبر 2025 کان سمورا واپاري لنگهه هر قسم جي اچ وڃ لاءِ بند آهن….