افغان طالبان پاران ڪيل دهشتگردي جي جواب ۾ پاڪستان، افغانستان جي مختلف هنڌن تي دهشتگردن جي 7 ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو آھي.
اطلاعات کاتي موجب پاڪستان ۾ ٿيل تازن آپگھاتي حملن ۾ افغانستان ۾ موجود دھشتگرد قيادت ۽ ان جا سھولتڪار ملوث آھن، دھشتگردن تازو اسلام آباد جي امام بارگاھ، باجوڙ ۽ بنون ۾ ڪارروايون ڪيون.
اطلاعات کاتي موجب ان حملن جي ذميواري افغانستان ۾ موجود پاڪستاني طالبان، فتنہ الخوارج ۽ ان جي اتحادين قبول ڪئي آھي.
بيان موجب پاڪستان وٽ ان ڳالھ جا ثبوت موجود آھن تہ دھشتگرد ڪارروايون افغانستان ۾ موجود قيادت جي ھدايت تي ڪيون ويون.
اطلاعات کاتي جو چوڻ آھي تہ ڪيترائي ڀيرا افغان طالبان حڪومت تي زور ڏنو تہ ھو پنھنجي سرزمين دھشتگرد تنظيمن ۽ پراڪسي عناصرن جي استعمال کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي، پر افغان عبوري حڪومت ان سلسلي ۾ اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام رھي آھي
اطلاعات کاتي موجب پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو خواھشمند آھي، پاڪستاني عوام جي سلامتي اولين ترجيح آھي.