پاڪستان تي آمريڪي ٽيرف ۾ 10سيڪڙو گهٽتائي: معاهدي سان پاڪستان تي اثر ڪهڙا پوندا؟

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت تي لاڳو 25 سيڪڙو ٽيرف جَي مقابلي ۾ پاڪستان کي رعايت ڏيندي 19 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي، اِهو واپاري معاهدو پاڪستان تي ڪيئن اثر انداز ٿي سگهي ٿو؟

ٽرمپ جي صدارتي حڪمنامي موجب پاڪستان کي 19 سيڪڙو محصول ڏيڻو پوندو، ڪينيڊا کان ايندڙ شين تي 35 سيڪڙو، برازيل تي 50 سيڪڙو، ڀارت تي 25 سيڪڙو، تائيوان تي 20  سيڪڙو ۽ سوئٽزرلينڊ تي 39 فيصد ٽيرف مقرر ڪيو ويو آهي.

پاليسين سان اختلافن جي ڪري امريڪا ڪينيڊا تي ٽيرف 25 سيڪڙو مان وڌائي  35 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي، امريڪا سوئٽزرلينڊ تي 39، جڏهن ته  شام تي سڀ کان وڌيڪ 41 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، اهڙي ريت ترڪي، اسرائيل، افغانستان، جاپان سميت ٻين ملڪن تي 15 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي.

انڊونيشيا، ملائيشيا، فلپائن، ٿائي لينڊ ۽ ڪمبوڊيا تي 19 سيڪڙو، جڏهن ته بنگلاديش، سريلنڪا، ويتنام ۽ تائيوان تي 20 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چين تي ٽيرف جي حوالي سان حتمي فيصلو اڃا تائين ٿي نه سگهيو آهي.

پاڪستان جي پرڏيهي واپار جو جائزو وٺجي ته مجموعي طور تي پاڪستان جو واپار خساري جو شڪار رهيو آهي.

سرڪاري انگن اکرن موجب گذريل مالي سال واپاري خسارو 24 ارب ڊالر هو، جنهن جو سبب برآمد جو گهٽجڻ ۽ درآمد جو وڌڻ هو، مطلب پاڪستان پنهنجون شيون گهٽ مقدار ۾ پرڏيهه موڪليون ۽ پرڏيهه مان وڏي مقدار ۾ شيون گهرايون هيون.

ڳالهه ڪجي پاڪستان ۽ امريڪا جَي واپار جي ته، پاڪستان طرفان امريڪا موڪليل شين ۾ 90 سيڪڙو ٽيڪسٽائل جو سامان آهي ۽ پاڪستان جو واپار 90 سيڪڙو ٽيڪسٽائل تي ڀاڙي ٿو.

پاڪستان مان امريڪا کي چمڙي جون شيون، فرنيچر، پلاسٽڪ، سلفر، لوڻ، سيمنٽ، راندين جو سامان، قالين، فٽ ويئر ۽ ٻيون شيون موڪليون وينديون آهن.

پاڪستان جي مقابلي ۾ امريڪا مان اسلام آباد ايندڙ شين جو ڪاٿو گهٽ آهي، امريڪا پاڪستان کي خام تيل، خام ڪپهه، لوهه ۽ اسٽيل، مشينري، بوائلرز، پراڻو ڪپڙو،ڪيميڪلز،دوائون ۽ ڪجهه ٻيون شيون موڪليندو آهي.

آمريڪي ٽيرف آهي ڇا؟

سادن لفظن ۾ ٽيرف اهو ٽيڪس آهي، جيڪو پرڏيهي ملڪن مان آمريڪا پهچندڙ سامان تي لاڳو ڪيو ويندو آهي، اُن جي اوڳاڙي جو ڪاٿو درآمد جي قيمت جي حساب سان لڳندو آهي.

اِها رقم ملڪ ۾ موجود اُن ڪمپني کي ادا ڪرڻي پوندي آهي جيڪا سامان ٻين ملڪن مان گهرائي ٿي، سامان موڪليندڙ ڪمپني کان ٽئڪس ناهي ورتو ويندو.

ماهر سمجهن ٿا ته ڪنهن به ملڪ طرفان ٽيرف لڳائڻ پٺيان 2 ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، يا ته اُن ملڪ ۾ پرڏيهه مان وڌيڪ شيون گهرايون وڃن ٿيون، جنهن سان مقامي انڊسٽري متاثر ٿيندي هُجئي يا  مقامي ماڻهو تيزي سان بيروزگار ٿي رهيا هُجن، ٻيو ڪارڻ پنهنجي انڊسٽري کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ٻين ملڪن تي ٽيرف يعني ٽئڪس لڳائڻ.

پاڪستان ۽ امريڪا وچ ۾ هِن وقت واپاري توازن پاڪستان جي حق ۾ آهي، ٻنهي ملڪن طرفان هڪ ٻئي جي شين کي مارڪيٽ تائين رسائي(پهچ به تازو ٿيل معاهدي جو حصو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں