پاڪستان افغان پرڏيھي وزير جي دھشتگردي بابت بيان کي رد ڪري ڇڏيو، ثبوت ڏيڻ باوجود افغانستان دھشتگردن خلاف ڪارروائي نٿو ڪري: پرڏيھي کاتو

فہرستِ مضامین

پاڪستان، افغان پرڏيھي وزير جو دھشتگردي بابت بيان رد ڪري ڇڏيو،  پرڏيھي ترجمان جو چوڻ آھي تہ پاڪستان ڪيترائي ڀيرا ثبوت ڏنا پر افغانستان دھشتگردن خلاف ڪارروائي نہ ڪئي.

پرڏيھي ترجمان پنھنجي بريفنگ ۾ چيو تہ دھشتگرد افغانستان مان ڪارروايون ڪري رھيا آھن، افغان عبوري حڪومت پنھنجي ذميواري پاڪستان تي وجھي آجي نٿي ٿي سگھي.

پرڏيھي ترجمان شفقت علي خان چيو تہ افغان حڪومت پنھنجي سرزمين دھشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نہ ڏئي.

پاڪستان طرفان ڀارت-افغانستان گڏيل پڌرائي جي نقطن تي بہ خدشا ظاھر ڪيا ويا آھن.

 پرڏيھي ترجمان چيو تہ والاريل ڪشمير کي ڀارت جو حصو قرار ڏيڻ گڏيل قومن جي ٺھرائن جي ڀڃڪڙي آھي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں