پاڪستان افغان سرزمين مان ٿيندڙ دھشتگردي کي قومي سلامتي لاءِ وڏو خطرو قرار ڏئي ڇڏيو آھي.
گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستل نمائندي عاصم افتخار سيڪيورٽي ڪائونسل جي اجلاس کي خطاب ڪندي چيو آھي تہ افغانستان ھڪ ڀيرو ٻيھر دھشتگردن لاءِ محفوظ پناھگاھ بڻجي ويو آھي.
ھن چيو تہ افغان حڪومت کي دھشتگردن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي ٻي صورت ۾ پاڪستان پنھنجي دفاع لاءِ قدم کڻندو.
سندس چوڻ ھو تہ افغانستان ۾ 6 ھزار کان وڌيڪ ٽي ٽي پي جا ويڙھاڪ موجود آھن، طالبان جي صفحن ۾ موجود ماڻھو بہ دھشتگردن جي حمايت ڪن پيا، افغان حڪومت فوري طور تي دفھشتگردن خلاف ڪارروائي ڪري.
عاصم افتخار جو چوڻ ھو تہ افغانستان ۾ جنگ جو خاتمو ٿي ويو، ھاڻي افغان پناھگيرن کي ڏيھ واپس وڃڻ گھرجي..