پاڪستان اسٽاڪ ۾ اڄ به شاندار تيزي، انڊيڪس ۾ 2600 کان وڌيڪ پوائنٽن جو اضافو

فہرستِ مضامین

ڪراچي: پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي 100 انڊيڪس ۾ سال جي ٻئي ڏينھن بہ زبردست تيزي ڏسڻ ۾ آئي.

سال جي ٻئي ۽ ڪاروباري ھفتي جي آخري ڏينھن ڪاروبار جو آغاز ھاڪاري انداز ۾ ٿيو ۽ 100 انديڪس ھڪ لک 79 ھزار عبور ڪيا.

هڪ موقعي تي 100 انڊيڪس کي 2661 پوائنٽس جي واڌري سان ھڪ لک 79 ھزار 16 پوائنٽس تي ٽريڊ ڪندي ڏٺو ويو ۽ پهرين سيشن جي پڄاڻي تي انڊيڪس ھڪ لک 78 ھزار 504 پوائنٽس تي بند ٿيو

ياد رھي تہ گذريل ڏينهن بہ پي ايس ايڪس 100 انڊيڪس 2300 پوائنٽن جي واڌ کانپوءِ 176,355 پوائنٽس تي بند ٿيو هو۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں