پاڪستان اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مندي، 100 انڊيڪس ۾ 3000 پوائنٽس کان وڌيڪ لاٿ

فہرستِ مضامین

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سومر جي ڏينهن مندي جو رجحان رڪارڊ ڪيو ويو آهي ۽ 100 انڊيڪس ۾ 3100 پوائنٽس تائين لاٿ ڏسڻ ۾ آئي آهي. اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ ڪاروبار جي شروعات کان ئي دٻاءُ رھيو ۽ انڊيڪس ۾ مسلسل گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، هڪ موقعي تي انڊيڪس 76,735 پوائنٽس جي سطح تائين ڪري پئي.

اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ هن مندي بابت تجزيہ نگارن جو چوڻ آهي ته ان جو بنيادي سبب هلندڙ مهيني ۾ بين الاقوامي مالياتي فنڊ (IMF) پاران پاڪستان جي قرض پروگرام جو جائزو وٺڻ آهي، جنهن ۾ ملڪ جي وڏن ادارن تي سپرتيڪس جو معاملو سڀ کان اهم آهي.

ياد رھي ته وفاقي آئيني عدالت گذريل مهيني ڪمپنين تي سپرتيڪس لاڳو ڪرڻ جي فيصلي کي برقرار رکيو هو.

تجزيہ نگار احسن محنتي ٻڌايو ته “حڪومت کي سپرتيڪس جي مد ۾ وڏين ڪمپنين کان 300 ارب روپين تائين وصولي ڪرڻي آهي، جڏهن ته ٻئي طرف وفاقي حڪومت جو ٽيڪس ٽارگيٽ به آهي، جنهن کي IMF جي شرطن تحت پورو ڪرڻو آهي.”

محنتي وڌيڪ چيو ته اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سيڙپڪار هن معاملي تي ڪافي فڪرمند نظر اچي رهيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں