پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سلسل تيزي جو سلسلو جاري آھي، اڄ بہ 17 سئو پوائنٽس جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
ڪاروباري ھفتي جي ٽئين ڏينھن بہ 100 انڊيڪس ھڪ لک 86 ھزار واري حد پار ڪري ورتي آھي.
بازار ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس 977 پوائنٽس جي اضافي سان ھڪ لک 86 ھزار 39 جي بلند ترين سطح تي پھتو .
ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 86 ھزار 768 پوائنٽس جي بلند ترين سطح تي بہ پھتو.
جڏھن تہ 100 انڊيڪس ھڪ لک 85 ھزار 665 جي سطح تي پھتو، گذريل ھفتي کان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ مسلسل تيزي جو سلسلو جاري آھي.