پاڪستان آرمي ٽيم اسپرٽ مقابلا، فيلڊ مارشل پاران شرڪت ڪندڙن جي پيشرواڻي مهارت جي واکاڻ

فہرستِ مضامین

راولپنڊي: فيلڊ مارشل سيد عاصم منير اجتماعي دفاع کي مضبوط بڻائڻ لاءِ گھڻ ملڪي مشقن تي زور ڏنو آھي .

آءِ ايس پي آر موجب چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير کاريان ۾ 9 انٽرنيشنل پاڪستان آرمي ٽيم اسپرٽ مقابلن ۾ خاص مھمان طور شرڪت ڪئي.

پڄاڻي واري تقريب  کي خطاب ڪندي آرمي چيف سمورن ٽيمن کي خراج تحسين پيش ڪندي شرڪت ڪندڙن جي اعليٰ پيشوراڻي مھارات کي سارھايو ۽ ٽيمن جي جسماني ۽ ذھني برداشت جي ڀرپور واکاڻ ڪئي

فيلڊ مارشل عملي صلاحيت، جنگي مهارت ۽ بلند حوصلي کي واکاڻ جوڳو قرار ڏيندي چيو تہ دھشتگردي خلاف جاري جنگ ۾ پاڪستاني جوان ڀرپور مظاھرو ڪري رھيا آھن، تقريب جي پڄاڻي تي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي انعام ڏنا ويا.

آءِ ايس پي آر موجب فيلڊ مارشل عاصم منير نيشنل ڪائونٽر ٽيررازم سينٽر پبي جو بہ دورو ڪيو، جتي مختلف تربيتي سرگرمين جو عملي مشاهدو ڪيو ويو ۽ نئين قائم ڪيل ٽيڪٽيڪل سيميوليٽر جو بہ معائنو ڪيو،فيلڊ مارشل عاصم منير جوانن ۽ ٽيڪنيڪل ٽيم جي ڪوششن کي ساراهيو…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں