اسلام آباد: قومي اسيمبلي آرمي، نيوي ۽ ايئرفورس ترميمي بلز 2025 جي اڪثريت سان منظوري ڏئي ڇڏي آھي.
وفاقي ڪابينا جي منظوري کانپوءِ حڪومت پاران 4 بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا ويا، قومي اسيمبلي پاڪستان نيوي ترميمي بل 2025، پاڪستان آرمي ترميمي بل 2025 ۽ پاڪستان ايئرفورسز ترميمي بل 2025 جي منظوري ڏني، ٽئي بل دفاع واري وفاقي وزير خواجہ آصف ايوان ۾ پيش ڪيا.
قومي اسيمبلي سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ترميمي بل بہ اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو، اھو بل قانون واري وزير، اعظم نذير تارڙ منظوري لاءِ پيش ڪيو.
قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي اعظم نذير تارڙ چيو تہ وفاقي ڪابينا قانون سازي جي منظوري ڏني آھي، 27 ھين آئيني ترميم تي سڀني کي مبارڪباد ڏيون ٿا.
ھن چيو تہ آرٽيڪل 243 ۾ بہ ڪجھہ تبديليون ڪيون ويون آھن، ان بابت 3 قانونن ۾ ترميم جون سمريون دفاع واري وزارت کان آيون آھن، کين سپليمنٽري ايجنڊا پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
اجازت ملڻ تي حڪومت قومي اسيمبلي ۾ چار بلز پيش ڪيا ۽ بلز جي شق وار منظوري کانپوءِ پاڪستان نيوي ترميمي بل، پاڪستان آرمي ۽ پاڪستان ايئرفورس ترميمي بل جي منظوري ڏني وئي.
وزيراعظم شھباز شريف بہ قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو، ھن چيو تہ قومي اسيمبلي ۾ پنھنجي تقرير ۾ ھڪ ڳالھ جو ذڪر نہ ڪيو ھو، ھن چيو تہ ايم ڪيو ايم جي ترميم جي حمايت ڪئي پر اھا ترميم جو حصو نہ بڻجي سگھي
ھن چيو تہ ايم ڪيو ايم سان واعدو ڪيو آھي اتحادين سان مشاورت ڪري معاملو حل ڪيو ويندو……..