پاڪستان آخري ون ڊي ميچ ۾ بہ سريلنڪا کي شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

فہرستِ مضامین

راولپنڊي : پاڪستان آخري ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي آھي

راولپنڊي ۾ ٽاس هارائڻ کانپوءِ دعوت ملڻ تي پهريان بيٽنگ ڪندي مهمان ٽيم 211 رنسن تي ڍير ٿي وئي

پاڪستان طرفان وسيم جونيئر 3، حارث رئوف، فيصل اڪرم 2-2، شاهين آفريدي ۽ فهيم اشرف هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.

جواب ۾ پاڪستان گهربل هدف 44.4 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.

محمد رضوان 61، فخر زمان 55، حسين طلعت 42، بابر اعظم 34 رنسن جي اننگز کيڏي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں