ذريعن جو چوڻ آھي ته سڀ کان وڏي تبديلي ڊي ڪيٽيگري ۾ ٿي سگھي ٿي، ڪيترن ئي رانديگرن جي نيڪالي ۽ ڪجھھ نوان رانديگر شامل ٿيندا.
ذريعن موجب سينٽرل ڪانٽريڪٽس بابت صلاح مشورو حتمي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آھي، ڪوچز، ڊائريڪٽر ھاءِ پرفارمينس، فنانس ۽ انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽس جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ بابت بھ صلاح مشورا ٿيا آھن.
ذريعن جو چوڻ آھي تھ ڪجھھ رانديگرن کي پھريون ڀيرو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ملڻ جو امڪان آھي.
پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي منظوري بعد ڪانٽريڪٽس جو اعلان ٿيندو.
سينٽرل ڪانٽريڪٽس ۾ ڪھڙا رانديگر اِن ۽ ڪھڙا آئوٽ ٿيندا؟.
ذريعن موجب ٽنھي فارميٽس مان ڪنھن به فارميٽ جو حصو نھ بڻجندڙ رانديگرن جي آئوٽ ٿيڻ جا امڪان وڏي ويا آھن.
حسن نواز، محمد حارث، صفيان مقيم، حسن علي، فھيم اشرف ۽ فخر الزمان کي سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ شامل ڪرڻ جو امڪان آھي.
ڪانٽريڪٽس ۾ حسين طلعت، خوشدل شاھھ، محمد نواز ۽ صاحبزادھ فرحان جي نالن تي صلاح مشورو جاري آھي.
ٻئي پاسي عامر جمال، محمد حريرھ، حسيب اللھ، عثمان خان ۽ محمد علي جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ ۾ جاءِ ٺاھڻ ڏکيو بڻجي ويو آھي.
سينٽرل ڪانٽريڪٽس بابت صلاح مشورو آخري مرحلي ۾ داخل

ذريعن موجب سينٽرل ڪانٽريڪٽس بابت صلاح مشورو آخري مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آھي.
ڪوچز، ڊائريڪٽر ھاءِ پرفارمينس، فنانس ۽ انٽرنيشنل ڊپارٽمينٽس جي سينٽرل ڪانٽريڪٽ بابت بھ صلاح مشورا ٿيا آھن.
ذريعن موجب پي سي بي چيئرمين محسن نقوي جي منظوري کانپوءِ جلد سينٽرل ڪانٽريڪٽس جو اعلان ڪيو ويندو.
سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي فنانشل ماڊل جو آخري سال
ذريعن موجب سينٽرل ڪانٽريڪٽ جي فنانشل ماڊل جو ھي آخري سال آھي.
قومي ٽيم جي سينٽرل ڪانٽريڪٽس جو ھي فنانشل ماڊل ٽن سالن تائين جاري رھيو.
سينٽرل ڪانٽريڪٽس ۾ شامل رانديگرن کي ڪيتري پگھار ملندي آھي؟
قومي ٽيم جي سينٽرل ڪانٽريڪٽس جي مختلف ڪيٽيگريز ۾ شامل رانديگرن کي مختلف پگھار ملندي آھي.
اي ڪيٽيگري ۾ شامل رانديگرن کي 13 لک 75 ھزار رپيا پگھار ملندي آھي.
بي ڪيٽيگري ۾ شامل رانديگرن 9 لک 37 ھزار 500 رپيا ۽ سي ڪيٽيگري جي رانديگرن کي 6 لک 37 ھزار رپيا ملندا آھن.
سينٽرل ڪانٽريڪٽس جو مطلب ڇا آھي؟
سينٽرل ڪانٽريڪٽ تحت ڪنھن بھ رانديگر کي ڪارڪردگي جي مڃتا طور رقم ڏني ويندي آھي.
سينٽرل ڪانٽريڪٽس جون مختلف ڪيٽيگريز ھونديون آھن، جن ۾ رانديگرن کي ڪارڪردگي جي بنياد تي شامل ڪيو ويندو آھي.
سينٽرل ڪانٽريڪٽس تحت رانديگرن کي ھر مھيني پگھار جاري ڪئي ويندي آھي.
ڪنھن به فارميٽ جو حصو نه بڻجندڙ رانديگر ڪانٽريڪٽ مان آئوٽ ٿي ويندا؟
ذريعن جو چوڻ آھي ته ٽنھي فارميٽس مان ڪنھن به فارميٽ جو حصو نه بڻجندڙ رانديگر کي سينٽرل ڪانٽريڪٽس نھ ملي سگھندو.
قومي ٽيم جي سينٽرل ڪانٽريڪٽس ۾ سامل ٿيڻ لاءِ ڪنھن به فارميٽ جو حصو ھجڻ ضروري آھي.