اسلام آباد : ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي تہ پاڪستان معاشي استحڪام کانپوءِ ترقي جي مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آھي، معاشي سڌارن سان ملڪي ۽ عالمي اعتماد ۾ اضافو ٿيو آهي، معيشت هاڻ قرضن بدران برآمدات تي ٻڌل ترقي طرف وڌي رھي آھي.
ناڻي واري وزير سينيٽر محمد اورنگزيب آمريڪي اخبار يو ايس ٽو ڊي کي انٽرويو ڏيندي چيو تہ مهانگائي 38 سيڪڙو کان گهٽ ٿي سنگل ڊجٽ تي اچي چڪي آهي، ناڻي جي مٽاسٽا جا ذخيرا بہ ساڍا 14 ارب ڊالر کان وڌي ويا آهن.
هن چيو تہ پرائمري بجيٽ ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ سرپلس اهم ڪاميابي آهي، وياج جي شرح ۾ استحڪام سان سيڙپڪارن جو اعتماد بحال ٿيو، 2 ڏھائي 7 سيڪڙو معاشي ترقي ھاڪاري پر اڻپوري آھي، ٽيڪس، توانائي ۽ سرڪاري ادارن ۾ سڌارا جاري آھن.
محمد اورنگزيب چيو تہ آءِ ٽي برآمدات 4 ارب ڊالر کان وڌي 5 سالن ۾ ٻيڻي ٿيڻ جو امڪان آهي، نجڪاري ۽ ٽيرف سڌارن سان عالمي مقابلي ۾ واڌارو ٿيندو، عالمي بينڪ موجب پاڪستان ۾ ايسٽ ايشيا موومينٽ جو امڪان آهي.
ناڻي واري وزير چيو تہ عورتن جي تعليم ۽ ليبر فورس ۾ شموليت اڻٽر آهي، موسمياتي تبديلي جي وڏن چيلنجز جي حوالي سان عالمي سھڪار ضروري آهي، زراعت، معدنيات ۽ ڊيجيٽل معيشت ۾ سيڙپڪاري جا موقعا آهن، بلوچستان جو ٽيٽهيان ڪاپر بيلٽ عالمي ڌيان جو مرڪز، ڊيٽا سينٽرز اي آءِ ۽ ڊيجيٽل سروسز ۾ وڏي صلاحيت آهي.
محمد اورنگزيب چيو تہ پاڪستان واپار ۽ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي، بحران مان نڪري موقعن جي معيشت طرف سفر شروع آهي…..