پاڪستاني عورتن سان شادي ڪندڙ افغان مردن کي پاڪستاني شھريت ڏيڻ وارو پشاور ھاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل

فہرستِ مضامین

سپريم ڪورٽ، پاڪستاني عورتن سان شادي ڪندڙ افغان مردن کي پاڪستاني شھريت ڏيڻ وارو پشاور ھاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو.

افغان شھري کي پاڪستاني ريجن ۽ ڪارڊ جاري ڪرڻ بابت درخواست تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس شاھد وحيد جي سربراھي ۾ 3  رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي.

 ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو تہ پھرين ڊسمبر 2023 تي پشاور ھاءِ ڪورٽ فيصلو ڏنو ھو تہ افغان شھري پاڪستاني عورت سان شادي ڪري تہ کيس پي او سي ڪارڊ ۽ شھريت ڏني وڃي.

جسٽس مسرت ھلالي سوال ڪيو تہ ڪھڙي بنياد تي افغانين کي شھريت ڏني وڃي؟  اصل گرائونڊ ڇا آھي، درخواستگذار ڪيترا آھن؟

بعد ۾ عدالت پشاور ھاءِ ڪورٽ جو فيصلو معطل ڪندي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں