ڪولمبو: اسپورٽس ڊيسڪ: ڀارت جي اڳوڻي نامياري ڪرڪيٽر ۽ مشهور ڪمينٽيٽر سنجي منجرڪر پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملائڻ (Handshake) واري بي سي سي آئي (BCCI) جي پاليسي کي ”احمقاڻو“ قرار ڏئي ڇڏيو آهي.
ڀارت گذريل ڪافي وقت کان انٽرنيشنل ميٽچن دوران پاڪستاني رانديگرن سان هٿ نه ملائڻ جي پاليسي اپنائي رکي آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، اڄ ڪولمبو ۾ شيڊول ٽي-20 ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ به ڀارتي رانديگرن پاران اها ئي پاليسي جاري رکڻ جو امڪان آهي.
سنجي منجرڪر جو سخت ردعمل
ڀارت جي هن فيصلي تي نه صرف عالمي سطح تي پر خود ڀارت اندر به سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي. هاڻي اڳوڻي آل رائونڊر سنجي منجرڪر سوشل ميڊيا پليٽ فارم ‘ايڪس’ (ٽويٽر) تي پنهنجي بورڊ جي فيصلي کي آڙي هٿن کڻندي لکيو آهي ته ”ڀارت پاران ‘هٿ نه ملائڻ’ واري جيڪا حرڪت شروع ڪئي وئي آهي، اها انتهائي احمقانه آهي. اهڙو عمل اسان جهڙي ملڪ کي زيب نٿو ڏئي.“
اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر وڌيڪ چيو ته ”ڀارت کي گهرجي ته يا ته هو راند جي اصل جذبي (Sportsmanship) مطابق صحيح نموني کيڏي، يا وري کيڏي ئي نه.“