پاڪستاني بيٽر فخر الزمان اھم اعزاز پنھنجي نالي ڪري ورتو

فہرستِ مضامین

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽر فخر الزمان ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچز کيڏڻ جي سينچري مڪمل ڪري ورتي آھي.

فخر الزمان ٽھ ملڪي سيريز ۾ افغانستان خلاف ميچ ۾ اھو اھم اعزاز پنھنجي نالي ڪيو.

فخر الزمان 2017ع ۾ ويسٽ انڊيز خلاف پنھنجي ٽي ٽوئنٽي ڪيريئر جي شروعات ڪئي ھئي.

گذريل ڏينھن افغانستان خلاف ميچ فخر الزمان جو 100ھون ميچ ھو، جنھن ۾ ھو 25 رنس ٺاھي آئوٽ ٿيو.

فخر الزمان 100 ٽي ٽوئنٽي انٽرنيشنل ميچز کيڏندڙ پاڪستان جو چوٿون رانديگر بڻجي ويو آھي.ان کان اڳ بابراعظم، محمد حفيظ، شعيب ملڪ، شاداب خان ۽ محمد رضوان بھ 100 ٽي ٽوئنٽي ميچز کيڏي چڪا آھن..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں