اسلام آباد (ٽيڪنيڪل ڊيسڪ): ايس آئي ايف سي (SIFC) جي تعاون سان پاڪستان جو اڀرندڙ ٽيڪنالاجي ايڪو سسٽم عالمي سيڙپڪارن ۽ شراڪتدارن جي توجهه جو مرڪز بڻجي ويو آهي.
پاڪستاني ٽيڪنالاجي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي هڪ آمريڪي ٽيڪ فرم پاڪستاني اي آئي اسٽارٽ اپ “ورچوئنز” (Virtueins) کي لکن ڊالرن جي معاهدي تحت خريد ڪري ورتو آهي.
هي ڪامياب معاهدو پاڪستان جي ٽيڪنالاجي صلاحيتن ۽ آرٽيفيشل انٽيليجنس (AI) جي شعبي ۾ تيزيءَ سان وڌندڙ جدت جو چٽو ثبوت آهي.
ورچوئنز اي آئي جي باني راحيل احمد موجب، هي خريداري ان ڳالهه جي گواهي آهي ته پاڪستاني اي آئي ٽيلينٽ عالمي معيار جي ٽيڪنالاجي تيار ڪري عالمي ڪمپنين ۾ اڳواڻي وارو ڪردار ادا ڪري رھيو آهي.
عالمي ڪمپنين جي وڌندڙ دلچسپي پاڪستان جي ڊيجيٽل مستقبل ۽ فني صلاحيتن تي مضبوط اعتماد جو مظهر آهي.
ايس آئي ايف سي جو ڪردار
ايس آئي ايف سي جي جامع اصلاحاتي قدمن جي ڪري پاڪستان جو ٽيڪنالاجي شعبو عالمي سطح تي سيڙپڪاري لاءِ هڪ نمايان مقام حاصل ڪري رهيو آهي، جنهن سان ملڪي معيشت ۽ ڊيجيٽل ترقيءَ کي هٿي ملي رهي آهي.