پاڪستاني انب ترڪي ۾ متعارف: ”جنهن چکيو تعريف کان رهي نه سگهيو”.

فہرستِ مضامین

هيءَ تصويرن تي ٻڌل اسٽوري آهي

استنبول ۾ پاڪستاني قونصل جنرل پاران ترڪيه ۾ پاڪستاني انبن کي ھٿي ڏيڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي وئي.

ميون جي بادشاهه پاڪساني انب جي عنوان ھيٺ ٿيندڙ تقريب ۾ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻھن شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ انب جي ذائقي ۽ خوشبو کي پاڪستاني ثقافت ۽ معيشت جو اھم حصو قرار ڏنو ويو.

ان موقعي تي ڳالھائيندي قونصل جنرل نعمان اسلم چيو ته پاڪستان انب پيدا ڪندڙ دنيا جو چوٿون وڏو ملڪ آھي، پنجاب ۽ سنڌ ۾ ساليانو ڪيترائي ھزار ٽن پيداوار ٿئي ٿي، پاڪستان ۾ 20 کان وڌيڪ قسمن جا انب پوکيا ويندا آھن.

نعمان اسلم ٻڌايو ته پاڪستنا پھريان ئي وچ اوڀر، يورپ، آسٽريليا ۽ آمريڪا سميت ڪيترن ئي خطن کي انب موڪليندوآھي.

سندس چوڻ ھو ته  ڪجھ سالن دوران ترڪيه جي مارڪيٽ ۾ بھ پاڪستاني انب متعارف ڪرايا ويا آھن.

ھن چيو ته اھڙي قسم جون تقريبون ترڪيه جي ماڻھن کي پاڪستاني انبن جي ذائقي ۽ معيار بابت ڄاڻ ڏيڻ لاءِ مددگار ثابت ٿينديون.

تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن پاڪستاني انبن جي ذائقي جي واکاڻ ڪئي ۽ ان ڳالھه تي زور ڏنو تھ ٻنھي ملڪن ۾ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ ھٿي ڏيڻ جي ضرورت آھي.

نوٽ: پاڪستان جا انب (خاص طور تي سنڌڙي انب) دنيا جي ڪهڙن ملڪن ۾ ايونٽس تي نمائش لاءِ پيش ٿيندا آهن، ان حوالي سان اوهان جلد ڊبليو ٽي اين تي تفصيلي رپورٽ ڏسندا.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں