پاسداران انقلاب کي چڙڏياريندڙ قدم کان پاسو ڪرڻ جي ھدايت، ڪو بہ غيرمحفوظ قدم برداشت نہ ھوندو: سينٽڪام

فہرستِ مضامین

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ سينٽڪام خبردار ڪيو آهي تہ پاسدارانِ انقلاب جي ڪنهن بہ غيرمحفوظ قدم کي برداشت نہ ڪيو ويندو.

سينٽڪام پنهنجي بيان ۾ چيو آهي تہ ايران آبنائي هرمز ۾ آچر کان ٻن ڏينهن واري سامونڊي مشقن جو اعلان ڪيو آهي، جڏھن تہ پاسدارانِ انقلاب کي سمنڊ ۾ ڪنهن بہ قسم جي ڀڙڪائيندڙ قدم کان پاسو ڪرڻ گھرجي.

سينٽڪام موجب، آبنائي هرمز مان روزانو 100 کان وڌيڪ تجارتي جهاز گذرن ٿا، تنهنڪري ايراني مشقون محفوظ ۽ پيشوراڻي انداز ۾ ٿيڻ گهرجن، جيڪي عالمي سامونڊي آمدو رفت لاءِ خطرو نہ بڻجن

سينٽڪام خبردار ڪيو آهي تہ آمريڪي فورسز، علائقائي ڀائيوارن ۽ واپاري جهازن جي ويجهو غيرمحفوظ ۽ پيشوراڻو رويو ٽڪراءُ جو خطرو پيدا ڪري سگهي ٿو.

سينٽڪام موجب، پاسدارانِ انقلاب جي ڪنهن بہ غير محفوظ قدم کي برداشت نہ ڪيو ويندو ۽ آمريڪي اهلڪارن، جهازن ۽ هوائي جهازن جي حفاظت يقيني بڻائي ويندي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں