لاهور: قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو آهي تہ هو پارليامينٽ ۾ پاڪ فوج ۽ عدليہ خلاف ڪنهن کي بہ ڳالهائڻ جي اجازت نہ ڏيندو.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اياز صادق چيو تہ سندس صلاح آهي تہ پارليامينٽ ۾ اچي عوام جي خدمت ڪئي وڃي
هن چيوہته جيڪڏهن احتجاج پرامن هجي تہ ڪنهن کي بہ اعتراض نہ ھوندو، جيڪڏھن تہ اپوزيشن ليڊر صحيح ڳالهہ ڪندو رھندو تہ کيس فلور بہ رھندو.
اسپيڪر چيو تہ پارليامينٽ ۾ پاڪ فوج ۽ عدليہ خلاف ڳالهائڻ نه ڏيندس، سندس ذميواري آهي تہ ڪنهن کي بہ پاڪستان مخالف ڳالهہ ڪرڻ کان روڪيان.
اياز صادق جو چوڻ هو تہ دنيا ۾ ڪهڙو اهڙو ملڪ آهي جنهن سان اڄ پاڪستان جا سٺا لاڳاپا نہ هجن، مافيا هر ملڪ ۾ هوندي آهي، حق ۽ سچ جو رستو روڪين ٿا.
هن وڌيڪ چيو تہ هو وزيراعظم سان صلاح مشورا ڪندو رھندو آھي ۽ وزيراعظم کيس روڪيندو ناهي.
ھن وڌيڪ چيو تہ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي مضبوط آهي، رڳو پاڙيسري ملڪ سان مسئلو آهي، جيڪو اسان جي ٻارن جي زندگين سان کيڏي ٿو…..