فيصل آباد : گھرو معاملن بابت مملڪتي وزير طلال چوڌري جو چوڻ آھي تہ ججز آئين جو حلف کڻندا آھن، سياسي پارٽي ناھي ھوندا، ججز جون استعيفائون بہ سياسي آھن ۽ ھي پاڻ جانبدار رھيا آھن.
فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالھائيندي طلال چوڌري چيو تہ آئين ۾ ترميم پارليامينٽ جو حق آھي،پارليامينٽ جڏھن چاھيندي آئين ۾ ترميم ڪندي، آئين ججز جي مرضي جو نہ پر پارليامينٽ ۽ عوام جي مرضي جو ھوندو.
هن چيو تہ عدليہ جي جڏھن دل چوندي ھئي سوموٽو تي وزيراعظم کي گھر موڪلي ڇڏيندي ھئي، عدليہ جي جڏھن دل چوندي ھئي تہ حڪومت کي ڪٽھڙي ۾ آڻي لاچار ڪري ڇڏيندي ھئي، جنھن کي چاھيو ھٽايو ۽ جنھن کي چاھيو آڻيو، اھو ڪم عدليہ جو ناھي.
طلال چوڌري چيو تہ ججن جي پگھار کان وٺي هر هڪ فيصلو پارليامينٽ ڪري ٿي، پارليامينٽ کي پارليامينٽ طور نظر اچڻ گهرجي، هنن ماڻهن پارليامينٽ کي ميونسپل ڪارپوريشن بڻائي ڇڏيو هو۔
ھن چيو تہ پاڪستان هن وقت ڪنهن بہ قسم جي ڏڦيڙ برداشت نہ ٿو ڪري سگھي، جج آئين جو حلف کڻن ٿا، سياسي پارٽي ناهن هوندا، ججن جون استعيفائون بہ سياسي آھن ۽ هو پاڻ بہ تمام گهڻو جانبدار رھيا آهن۔