ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) ٽڪ ٽوڪ پاران چوماسي جي وسڪارن دوران ٻوڏ جي موسم ۾ افواھن ۽ غلط معلومات جي پکيڙ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان لاءِ ھڪ نئون فيچر متعارف ڪرايو ويو آھي.
ٽڪ ٽوڪ پاڪستان ۾ جاري مون سون جي ٻوڏ واري موسم ۾ پنھنجي يوزرز کي تصديق ٿيل ۽ بروقت معلومات جي فراھمي لاءِ ھڪ نئين سرچ گائيڊ متعارف ڪرائي آھي.
ٽڪ ٽوڪ موجب اھو قدم سوشل ميڊيا جي ھن پليٽ فارم تي محفوظ ۽ حقيقتن تي ٻڌل معلومات ۽ آگاھي کي ھٿي ڏيڻ وارين لاڳيتين ڪوششن جو حصو آھي، جنھن جو مقصد قدرتي آفتن بابت پکڙجندڙ غلط معلومات جي رجحانن جو اثرائتي انداز ۾ مقابلو ڪرڻ آھي.
پاڪستان ۾ مون سون جي برساتي موسم جون جي پڇاڙيءَ کان سيپٽمبر تائين جاري رھي ٿي، جنھن دوران ملڪ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتون پوڻ کانسواءِ اوچتو آيل ٻوڏ جي وھڪرن ۽ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو بھ رھي ٿو.
ٽڪ ٽوڪ جي پبلڪ رليشنز فرم پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آھي تھ ھاڻي يوزرز جڏھن ٽڪ ٽوڪ تي ٻوڏ بابت معلومات جي ڳولا ڪندا تھ کين ھڪ چٽو بينر نظر ايندو، جيڪو معتبر ذريعن کان معلومات جي تصديق ڪرڻ لاءِ چوندو.
اھا گائيڊ يوزرز، يعني ٽڪ ٽوڪ استعمال ڪندڙن کي نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) تائين پھچ فراھم ڪندي، جتان پاڪستان ۾ قدرتي آفتن بابت تصديق ٿيل ۽ تازھ ترين معلومات حاصل ڪري سگھجي ٿي.
پڌرائي موجب ان کانسواءِ ھن گائيڊ ۾ ٽڪ ٽوڪ جي سيفٽي سينٽر تي موجود وسيلن ۽ ٽريجڪ ايونٽ سپورٽ گائيڊ جون لنڪس بھ شامل ڪيون ويون آھن، جيڪي مشڪل حالتن جو شڪار ماڻھن لاءِ عملي مدد فراھم ڪن ٿيون.
اھا گائيڊ واضح ڪري ٿي تھ سانحا ڪھڙن قسمن جي واقعن کي چيو وڃي ٿو، جن ۾ قدرتي آفتن کان وٺي ذاتي نقصان تائين جا معاملا شامل آھن.
گائيڊ ذريعي يوزرز کي ذھني صحت بابت مدد حاصل ڪرڻ ۽ اھڙن نازڪ موضوعن بابت مواد کي ذميداري سان شيئر يا رپورٽ ڪرڻ جا اصول بھ فراھم ڪيا ويا آھن.
پاڪستان ۾ ٽڪ ٽوڪ جي پبلڪ پاليسي اينڊ گورنمينٽ رليشنز جي سربراھ فھمد محمد خان نيازي جو چوڻ آھي تھ اسان سمجھون ٿا تھ بحران جي وقت بروقت ۽ درست معلومات تائين پھچ ڏاڍي اھم ھوندي آھي.
ھن چيو تھ قدرتي آفتن کي منھن ڏيندڙ ادارن سان ڀائيواري ذريعي ۽ ڀروسي جوڳن وسيلن کي وڌيڪ چٽو بڻائي اسان يوزرز کي باخبر فيصلا ڪرڻ ۾ مدد فراھم ڪرڻ چاھيون ٿا جيئن سندن حفاظت يقيني بڻائي سگھجي.
ٽڪ ٽوڪ پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب ھي گائيڊ ٽڪ ٽوڪ جي ان وسيع مشن جو حصو آھي، جنھن ۾ ڀروسي جوڳي معلومات کي ھٿي ڏيڻ ۽ ھڪ محفوظ ڊجيٽل ماحول ٺاھڻ شامل آھي.
پڌرائي موجب انھن ٽولز کي سڌو سنئون يوزرز جي تجربي جو حصو بڻائي، ٽڪ ٽوڪ پنھنجي ڪميونٽي کي معنائتي مدد ۽ ڀروسي جوڳي معلومات فراھم ڪرڻ واري پنھنجي عزم تي ڪاربند آھي.
ٽڪ ٽوڪ جي پڌرائي ۾ وڌيڪ چيو ويو تھ ھي پليٽ فارم اھڙو ماحول ٺاھڻ لاءِ پرعزم آھي، جتي ماڻھو باخبر رھن، پنھنجي ڀلائي جو خيال رکن ۽ اھم گھڙين ۾ ذميواري سان ڪردار ادا ڪن.