ٽي 20 ورلڊ ڪپ ۾ پاڪستان پاران ڀارت خلاف ميچ جي بائيڪاٽ جو امڪان

فہرستِ مضامین

آءِ سي سي ورلڊ ڪپ مان بنگلاديش جي ڪڍڻ کانپوءِ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ احتجاج لاءِ مختلف آپشنز تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي۔

ذريعن موجب پاڪستان 15 فيبروري تي ڪولمبو ۾ ڀارت خلاف ميچ جو بائيڪاٽ ڪري سگهي ٿو ۽ ڀارت خلاف ميچ نہ کيڏڻ جي صورت ۾ پاڪستان جا صرف 2 پوائنٽس ڪٽيا ويندا۔

ذريعن جو چوڻ آهي تہ پي سي بي وٽ ڀارت خلاف ميچ نہ کيڏڻ جو آپشن موجود آهي ۽ اهڙو فيصلو ڪرڻ سان آءِ سي سي کي وڏو مالي نقصان ٿيندو۔

ذريعن وڌيڪ چيو تہ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ جي صورت ۾ بہ بورڊ پنهنجا آپشنز کليل رکندو۔

واضح رھي تہ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ بنگلاديشي ٽيم سيڪيورٽي خدشن سبب ڀارت وڃڻ کان انڪار ڪيو ھو ۽ پنھنجا سڀ ميچ سريلنڪا ۾ منتقل ڪرڻ لاءِ آءِ سي سي کي درخواست ڏني ھئي،، پر آءِ سي سي بنگلاديش بورڊ جي اها درخواست قبول نہ ڪئي ۽ ان جي جاءِ تي اسڪاٽلينڊ کي گروپ ۾ شامل ڪيو ويو۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں